سنڌي ادبي سنگت شاخ قوئيسٽ پاران ذوالقرنين سڪندر چنا سان شامل ملهائي وئي

news

نوابشاهه: اربع 09 آڪٽوبر 2019ع،  سنڌي ادبي سنگت شاخ قوئيسٽ پاران نوجوان شاعر ۽ سماجي اڳواڻ ذوالقرنين سڪندر چنا سان قائد عوام يونيورسٽي جي سينيٽ هال ۾ شام ملهائي وئي جنهن جي صدارت سنڌ جي خوبصورت شاعر وسيم سومرو ڪئي،

جڏهن ته تقريب ۾ اعجاز ڏاهري، غلام رسول ابڙو، سروچ ڪانڌڙو، شهروز مگسي، راجا مسعود، اياز شيخ، اعجاز لغاري، تابش چوهاڻ، تيمور منير سرهيو، عارف منگي، معصومه بلوچ، سعيده ڪرن، سپنا مهيشوري سميت ادبي ۽ سياسي سماجي شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي،

ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي مهمانن چيو ته ذوالقرنين چنو جيڏو سٺو شاعر آهي اوڏو ئي سريلو گائڪ به آهي، سندس جهڙن ڪردارن جي سماج کي سخت ضرورت آهي جيڪي پنهنجي هڙان وڙان ڪري غريبن ۽ هڏڏوکين جو آواز بڻجن ٿا،

هنن چيو ته ذوالقرنين سنڌي ادب جو هڪ اڀرندڙ شاعر آهي جيڪو ڏاڍي سٺي شاعري لکي رهيو آهي، هنن چيو ته يونيورسٽيءَ جي ٻين شاعرن فرهاد جيلاني، فهيم لاشاري، واجد بڙدي، شاهزيب راڄپر، منشا خانزاده، حسن آرائين ۽ ذيشان سهتو سان گڏ ذوالقرنين به پاڻ مڃايو آهي،

هنن چيو ته نوجوان مستقبل ۾ سنڌي  ادب جو نالو روشن ڪندا، جڏهن ته تقريب کي آخر ۾ ذوالقرنين کي سنڌي ادبي سنگت مڃتا شيلڊ ڏني وئي ۽ سنڌي ادبي سنگت جي ميمبرن ۾ سندون ورهايون ويون.