ٽنڊوڄام: اربع 09 آڪٽوبر 2019ع، عالمي فلاحي اداري پاران زرعي يونيورسٽي ٽنڊڄام جي اي ايم شيخ هال ۾ ٿيليسيميا بابت آگاهي سيمنيار منعقد ڪيو ويو. جنهن ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ٿيلسيميا بابت آگاهي ڏني ويئي.
سيمنار کي عالمي فلاحي اداري هليپ انٽرنيشنل ويلفيئر ٽرسٽ جي باني محمد عارف علي خطاب ڪندي چيو ته ٿيليسيميا ٻارن ۾ ٿيندڙ هڪ خطرناڪ بيماري آهي، جيڪا تيزي سان ملڪ ۾ ڦهلجي رهي آهي.
هن چيو جيڪڏهن ماءُ ۽ پيءُ ۾ مائينر ٿيليسيميا آهي ته ان جي ٻار کي ميجر ٿيليسيميا ٿيڻ جو خدشو وڌي وڃي ٿو. هن چيو ته ملڪ ۾ ڊينگي بخار تيزي سان ڦهيلجي ويو آهي، جيڪڏهن ملڪ ۾ ڊينگي جي مريضن جو تعداد هڪ هزار هجڻ باوجود ڊاڪٽر بخار واري هر مريض کي ڊينگي جي ٽِيسٽ ڪرائي ٿو. پر ملڪ ۾ هن وقت لڳ ڀڳ 70 کان 80 لک ماڻهو مائنر ٿيليسيميا ۾ مبتلا هجڻ باوجود ڪوبه اپاءُ نه پيو ورتو وڃي.
هن چيو ته ٿيليسيميا جي مريض لاءِ هن وقت به وڏي جدوجهد بعد مشڪل سان 60 سيڪڙو رت ملي سگهي ٿي. جيڪڏهن ان تي ضابطو نه آندو ويو ته هر ٽيئن گهر ۾ ٿيليسيميا جا مريض هوندا. ۽ پوءِ رت جو پورائو ڪرڻ ناممڪن ٿي ويندو. هن چيو ته شادي کان اڳ هر مرد ۽ عورت کي ٿيليسيميا جي ايڇ بي ايليسڪو فورس ٽيسٽ لازمي ڪرائڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن شادي ڪندڙ مرد ۽ عورت ٻنهي ۾ مائينر ٿيليسيميا هجي ته انهن جي شادي نه ڪرائي وڃي.
ان موقعي تي هن اعلان ڪندي چيو ته هيلپ انٽرنيشنل ويلفيئر ٽرسٽ پاران ايندڙ سال ملڪ جي سمورين يونيورسٽي جي شاگردن لاءِ اسڪالر شپ جو پروگرام شروع ڪيو ويندو.
جنهن ۾ 100 شاگردن کي اسڪالرشپ ڏني ويندي. سيمينار کي عاقب جاويد، ارشاد علي چانڊيو، اشتياق احمد، عبدالرحيم ڏاهري ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.