ٽنڊو محمد خان مان نوجوان پراسرار نموني گم وارث پريشان، ڳولا جي اپيل

news

ٽنڊو محمد خان : اربع 09 آڪٽوبر 2019ع، ٽنڊو محمد خان شهر جي نصيرآباد پاڙي جو رهواسي 28 ورهين جو نوجوان الله ڏنو پٽ محمد ابراهيم ابڙو گذريل هڪ مهيني کان پراسرار طور تي گم ٿي ويو آهي.

ان سلسلي ۾ سندس پيرسن پيءَ محمد ابراهيم عرف نٿو  ابڙو پريس ڪلب اچي پنهنجي پٽ جي گمشدگي بابت صحافين آڏو دانهيندي چيو آهي ته منهنجو پٽ الله ڏنو گذريل هڪ مهيني کان پنهنجي گهرکان کير وٺڻ لاءُ نڪتو هو پر هڪ مهينو گذري ويو آهي.

سندس اڃان تائين ڪوبه ڏس پتو نه پئجي رهيو آهي هن چيو ته سٽي ٿاڻي تي پٽ جي گمشدگي واري رپورٽ درج ڪرائي آهي پر اڃان تائين پوليس ڪوبه سراغ لڳائي نه سگهي آهي.

هنن اعلي اختيارن کان مطالبو ڪيو آهي ته منهنجي پٽ جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.