بدين ۾ ايس ايس پي آفيس ۾ هيڊ ڪلرڪ ڪوڙا ڊرائيونگ لائسنس ٺاهي ڏيڻ جي الزام ۾ نوڪري تان برطرف

news

بدين: اربع 09 آڪٽوبر 2019ع، بدين جي وارڊ 6 گل محمد لغاري ڳوٺ جي رهواسي نوجوان عبدالواحد ڪنڀار پنهنجي 5 سالن جي معصوم پٽ زاهد علي ڪنڀار سان گڏ پريس ڪلب بدين ۾ دانهيندي چيو ته 9 آڪٽومبر تي 3 لڳي ڌاري پنهنجي معصوم پٽ زاهد علي کي خارش جي علاج لاءِ انڊس اسپتال جي زير انتظام پراڻي سول اسپتال ۾ قائم او پي ڊي ۾ وٺي ويو ته اسپتال ۾ علاج ٽائم هئڻ جي باوجود انڊس اسپتال پاران قائم رسيپشن تي ڪوبه ملازم موجود ه نه هو.

جڏهن ته ڊيوٽي تي موجود ڊاڪٽر وٽ منهنجي پٽ کي وٺي ويس  ان به پٽ جو علاج ڪرڻ کان جواب ڏيئي ڇڏيو هن وڌيڪ چيو ته هن اهڙي دانهن اسپتال ۾ موجود آفيسر رضوان نظاماڻي کي به ڏني پر ان به منهنجي ڪابه به ڳالهه نه ٻڌي.

هن الزام هنيو ته انڊ س اسپتال جي او پي ڊي ۾ عملي پنهنجي مرضي جو ٽائم مقرر ڪري ڇڏيو آهي جنهن سبب پري پري کان علاج لاءِ ايندڙ غريب اٻوجهه ماڻهو ڌڪا کائيندا رهن ٿا.

هن مطالبو ڪيو ته سول اسپتال بدين جي پراڻي بلڊنگ ۾ انڊس جي او پي ڊي ۾ ڊاڪٽر ۽ عملي جي غيرحاضري جو نوٽيس ورتو وڃي.