کپرو ۾ قديمي قبرستان تان قبضي خلاف هندو برادري جو احتجاج

news

کپرو: اربع 09 آڪٽوبر 2019ع، کپرو ۾ هندن جي قديمي قبرستان تي قبضي جو چونڊيل نمائندن سميت اختيارين ۽ حڪومت ڪو بـ نوٽس نـ ورتو جڏهن تـ نا معلوم هٿيار بند هندن جي قديمي قبرستان تي ٽريڪٽر هلائي قبرون ميسارڻ جي ڪوشش ڪندي قبرن جي مٿان لوڙهو ڏنو پئي تـ مينگھواڙ برادري جي سوين ماڻهو قبرستان وٽ پهچي ويا۔

جنهن تي لوڙهو ڏيئي قبرون مسمار ڪندڙ فرار ٿي ويا هئا جڏهن رات هندو برادري جي ماڻهن کپرو ٿاڻي تي وڃي دانهن ڏني پر اڄ صبح تائين قبرون مسمار ڪندڙن خلاف ڪابـ ڪاروائي نـ ڪئي تـ کپرو جي مينگھواڙ،مهراج  برادري جون سوين عورتون مردن ۽ ٻارن سان گڏ ٻاهرروڊن تي نڪري آيون سوين عورتون ۽ ٻار ۽ مردن شريمتي ڪملا، شريمتي گومي ،شريمتي موتان مينگھواڙ، شريمتي ڪشني مينگھواڙ، شريمتي چمپا ،ڪانجي مل، ڌنراج مل، رميش ڪمار ۽ ڪيلاش ڪمار جي اڳواڻي ۾ مين چوڪ کپرو واري هنڌ تي قبضو ڪندڙ پرائمري ماستر محمد عاقل حجام ۽ ساٿين خلاف مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو۔

ڌرڻي ۾ بيواھ توڙي ٻين عورتن پنهنجي پيارن جي آخري نشاني قبرن کي مٽجڻ کان بچائڻ لاء اڀ ڏاريندڙ   رڙيون ڪيون ۽ صحافين کي روئيندي ٻڌايو تـ اسان جي پيارن جي قبرن کي رات ٽريڪٽر هلائي ميسارڻ جي ڪوشش ڪئي قبرن تي قبضا ڪرڻ لاء قبرستان جي وچ ۾ لوڙهو ڏنو ويو۔

رات کپرو پوليس کي دانهن ڏني پر هن جوابدارن خلاف ڪا بـ ڪاروائي نـ ڪئي انهن چيو تـ اسان جي سنڌ ڌرتي ماء آهي اسان پاڪستان زندھ باد جا نعرا بـ هڻون ٿا پوء بـ اسان جي قبرن تي قبضا ڪري پيارن جون آخري نشايون ڊاٺيون پيون انهن چيو تـ اسان کي انصاف ڏنو وڃي يا اسان کي ماري پوء ڀلي قبرون ڊاهي ڇڏيو۔

  ياد رهي تـ هندن جي قبرستان تي قبضي بعد کپرو جي محمد عاقل حجام ۽ کپرو جي مينگھوار ،مهراج برادري جي ماڻهن ۾ قبرستان واري زمين تي دعوا بعد  6 مهينن کان تڪرار هلندڙ آهي . ان باوجود کپرو جي روينيو عملدارن، ڊي،سي سانگھڙ، چونڊيل نمائندن توڙي کپرو مان پ پ جي چونڊيل ايم،اين،اي شازيا مري ۽ فنڪشنل ليگ جي ايم ،پي،اي قاضي شمس الدين راڄڙ سميت هندن جي حفاظت جي دعوا ڪندڙ مختلف پارٽين ڪو بـ نوٽيس ناهي ورتو۔

هاڻي معاملو ٽريڪٽر هلڻ لوڙهو ڏيڻ تائين پهچي ويو آهي جڏهن تـ کپرو پوليس پڻ ڪا بـ ڪاروائي ڪرڻ لاء تيار نظر نٿي اچي۔