يوسي سورنهن ۾ ترقياتي ڪمن جو سلسلو جاري

news

حيدرآباد: اربع09آڪٽوبر2019ع: يوسي 16 ۾ ترقياتي ڪمن جو سلسلو جاري، يوسي چيئرمين بالاچ خان ٽالپر ۽ سندس ٽيم علائقي ۾ نالين ۽ گهين کي پڪو ڪرڻ ۾ مصروف.

رپورٽ موجب حيدرآباد يوسي 16 ۾ ترقياتي ڪمن جو سلسلو جاري آهي جڏهن ته يوسي چيئرمين بالاچ خان ٽالپر علائقي جون گهٽيون ۽ ناليون پڪيون ڪرڻ ۾ مصروف آهي.

ان موقعي تي يوسي چيئرمين جو چوڻ هو ته عوام جي خدمت ڪرڻ اسان جو فرض آهي جنهن اسان کي چونڊيو ۽ اسان انهن جي اميدن تي پورو لهنداسين. ٻئي پاسي علائقي واسين جو چوڻ هو ته علائقي ۾ ترقياتي ڪم ٿيڻ سٺي روايت آهي ۽ يوسي چيئرمين مير بالاچ خان جي محنت کي اسان خراج تحسين پيش ڪريون ٿا.