آزادي مارچ جو فيصلو مولانا ڪيو آهي، اسان کيس اڪيلو نٿا ڇڏي سگهون: اياز صادق

news

اسلام آباد: (خميس 10 آڪٽوبر 2019ع) مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته جيڪي آل پارٽيز ڪانفرنس ۽ رهبر ڪميٽي جون ميٽنگون ٿيون آهن ان ۾ مولانا صاحب سان اهائي درخواست ڪئي وئي هئي ته اوهان پنهنجي تاريخ وڌايو پر ان جي شوريٰ مڃڻ لاءِ تيار ناهي. 

صحافين سان ڳالهائيندي سردار اياز صادق چيو ته  پي ٽي آءِ جيڪو 2014 ۾ ڌرڻو  هنيو هو اهو اوهان کي ياد هوندو ته مخالف ڌر ۽ حڪومت ان طاقتن جي خلاف گڏ هئي. اسان ان کي اجازت ڏئي ڇڏي هئي ته هو هڪ مقرر جڳهه تي پنهنجو احتجاج ڪري پر هن پنهنجي ڪمٽمنٽ پوري نه  ڪئي ۽ اڳيان تائين پهچي ويا. هن چيو ته پي ٽي وي تي حملو ٿيو، پهريون ڀيرو قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ تي حملو ٿيو هي واحد ملڪ هوندو جتي احتساب ٿي رهيو آهي. ان ۾ جڏهن گهرايو ويندو آهي ته اسان جا ماڻهو جيڪي جيل ۾ آهن اهي ويندا آهن ۽ تاريخون به اٽينڊ ڪندا آهن. ملڪ به  ڇڏڻ نٿا چاهين پر پوءِ کين گرفتار ڪيو ويندو آهي. اها سي پيڪ ۽ يمن جي به سزا ٿي سگهي ٿي.

اياز صادق چيو ته اسان جي ڪوشش هئي ته جيڪو به اعلان ٿئي اهو اي پي سي ۾ ٿئي هي مولانا جو فيصلو آهي اسان ان کي ڇڏي به نٿا سگهون. تاريخ جو اعلان به هن ڪيو آهي.  هن چيو ته رانا تنوير جڏهن مولانا کان شهباز شريف جي گهر ۾ پڇيو هو ته مولانا صاحب ڇا ڪنهن جو هٿ اوهان جي پويان آهي ته مولانا صاحب کلي ڏنو ۽ هن ڪوبه جواب نه ڏنو. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن اسان ڏيڍ ٻه سئو ماڻهو حلف نه کڻون ها ته اسيمبلي نٿي هلي سگهي.