پاڪستان جي ٽيم احمد شهزاد ۽ عمر اڪمل کي ڊراپ ڪري ڇڏيو

news

لاهور: (خميس 10 آڪٽوبر 2019ع) سريلنڪا سان ٽوئنٽي 20 سيريز جي آخري ميچ ۾ پاڪستان جي ٽيم ۾ 3 تبديليون ڪيون ويون. فاسٽ بالر محمد حسنين سان گڏ مسلسل ناڪام رانديگر عمر اڪمل ۽ احمد شهزاد کي ڊراپ ڪيو ويو.

افتخار احمد، حارث سهيل ۽ عثمان شنواري جي ٽيم ۾ واپسي ٿي. ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ ۾ پهريون نمبر ٽيم پاڪستان جي اٺين نمبر جي ٽيم سريلنڪا کان شروعاتي  ٻئي ميچ هارائڻ تي سخت تنقيد ٿيندي رهي. نئين ڪوچ ۽ چيف سليڪٽر مصباح الحق کي 2 سينئر رانديگرن احمد شهزاد ۽ عمر اڪمل کي ٽيم ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو انتهائي مهانگو پئجي ويو.

ٻنهي رانديگرن جي ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ بهتر ڪارڪردگي تي ٽيم ۾ ٻيهر جڳهه ڏني وئي هئي پر ان باوجود هنن ٻنهي ڄڻن ڪرڪيٽ جي شوقينن کي مايوس ڪيو.