ڏهن ڏينهن ۾ عالمي نمبر ون ٽيم کي ڇا ٿي ويو: مصباح الحق شڪست جي ذميواري قبولي ورتي

news

لاهور: (خميس 10 آڪٽوبر 2019ع) 10 ڏينهن ۾ عالمي نمبر ون ٽيم کي ڇا ٿي ويو، مصباح الحق حيراني ۾ مبتلا ٿي ويو. ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ سريلنڪا کان شڪست کان پوءِ هيڊ ڪوچ ۽ چيف سليڪٽر مصباح الحق به سخت پريشان آهي.

قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته ساڳئي ٽيم گذريل 4 سالن کان کيڏي رهي آهي. خبر ناهي 10 ڏينهن ۾ عالمي نمبر ون کي ڇا ٿي ويو. مان شڪست جي ذميواري قبول ڪريان ٿو ۽ ان جا سبب سوچي رهيو آهيان، جن مسئلن جي ميڊيا نشاندهي ڪري رهيو آهي اهو منهنجي نظر ۾ آهي. بدقسمتي سان اسان وٽ شاداب خان جو نعم البدل ناهي.

ڪپتان سرفراز احمد چيو ته جيڪڏهن ميدان ۾ رانديگر پرفارم نه ڪري ته مينجمينٽ جو قصور ناهي. ٿي سگهي ٿو ته اهي ئي  ساڳيا رانديگر ٻين ميچن ۾ ايڪشن ۾ نظر اچن. ورلڊ ٽي ٽوئنٽي کان اڳ انهن کي موقعو ڏينداسين.

هن چيو ته رانديگر سٺا آهن پر پرفارم ناهن ڪري رهيا.  ٽئين ٽي ٽوئنٽي ۾ بالنگ ۾ بهتري آئي پر فيلڊنگ ۾ ڪيچ ڇڏيا ويا اهڙي طرح جي ڪارڪردگي کان پوءِ ميچ نٿا کٽي سگهجن. ان حوالي سان سرفراز چيوته بيٽنگ دوران حدف حاصل ڪرڻ مشڪل ٿي ويو هو.

حارث سهيل ۽ بابراعظم جي اننگز کان پوءِ رانديگر پرفارم ناهن ڪري سگهيا. اسان کي ٽنهي شعبن خاص ڪري فيلڊنگ ۾ بهتري آڻڻ گهرجي. سريلنڪا بهترين ڪرڪيٽ کيڏي، مان مهمان ٽيم کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو.