العزيزيه ريفرنس: نوازشريف جي سزا خلاف اپيل تي ٻڌڻي جو حڪم جاري

news

اسلام آباد: (خميس 10 آڪٽوبر 2019ع) العزيزيه ريفرنس ۾ نوازشريف جي سزا جي خلاف اپيل تي ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪيو ويو آهي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني لکت ۾ حڪم جاري ڪيو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته نوازشريف جي اپيل جي دوران اضافي شاهدين جو جائزو وٺڻ جي لاءِ لاڳاپيل درخواست ڏني.

عدالتي حڪم نامي ۾ جج وڊيو اسڪينڊل جي حوالي سان نوازشريف جي لاڳاپيل درخواست کي ٻڌڻ جوڳو قرار ڏنو ويو آهي ۽ نيب کي نوٽيس جاري ڪندي 14 ڏينهن ۾ جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

لکت  ۾ جاري ڪيل حڪم ۾ چيو ويو آهي ته ڪيس پيپر باڪس جي تياري ٿي چڪي آهي. ڌرين ڪاپيون حاصل ڪري ورتيون آهن. ڪيس ٻن هفتن کان پوءِ ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪيو وڃي.