سک ياترين جي خاص ٽرين ڪراچي کان ڪرتارپور روانو ٿي وئي

news

ڪراچي: (خميس 10 آڪٽوبر 2019ع) بابا گرو نانڪ جي 550هين سالگره جي موقعي تي سک برادري جي لاءِ وفاقي حڪومت طرفان خاص ٽرين سروس هلائي پئي وڃي.

ريل اڄ صبح جو اٺ سو ياتري کڻي روانو ٿي وئي آهي. گورنر سنڌ عمران اسماعيل سک ياترين کي روانو ڪيو. سک برادري بابا گرونانگ جو 550هون يوم ولادت مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهائي رهي آهي. پاڪستان جي حڪومت ۽ ريلوي پاران سک ياترين جي لاءِ خاص ٽرين هلائي وئي آهي. اسپيشل ٽرين ڪرتارپور روانو ٿي وئي آهي.

اٺ بوگين تي مشتمل ٽرين 8 سئو سک ياترين  کي کڻي ڪراچي کان ڪرتارپور پهچائيندي. بابا گرونانڪ جي سالگره جي حوالي سان اسپيشل ٽرين کي خوبصورتي سان سجايو ويو آهي. سک ياترين کي گورنر سنڌ عمران اسماعيل روانو ڪيو.

ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو ته اسان سک ۽ هندو ياترين جي لاءِ سرحدون کوليون آهن. هندستان ۾ اقليتن سان ظلم ٿي رهيو آهي. پاڪستان ۾ اقليتن کي گلي لڳايو ويندو آهي ۽ برابر جا حق ڏنا ويندا آهن.

عمران اسماعيل ڪشميرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو ته اسان ڪشميري ڀائرن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين. ڀارتي فوج ڪشمير ۾ ظلم جا پهاڙ ڪيرائي ڇڏيا آهن ۽ مظلوم ڪشميرين مٿان اڃان تائين ڀارتي فوج جو ظلم جاري آهي.