نواز ليگ پي ٽي آءِ جي پارٽي اثاثن جا تفصيل حاصل ڪرڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي

news

اسلام آباد: (خميس 10 آڪٽوبر 2019ع) مسلم ليگ(ن) تحريڪ انصاف جي پارٽي اثاثن جا تفصيل  حاصل ڪرڻ جي لاءِ اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.

شاهنواز رانجها جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ جي شڪي ٽرانزڪشنز جي باري ۾ ڄاڻن چاهيون ٿا. اسڪروٽني ڪميٽي جي ڪارروائي کي قوم جي سامهون آندو وڃي. مسلم ليگ(ن) پي ٽي آءِ جي مبينه  پرڏيهي ۽ پابندي پيل فنڊنگ جي خلاف درخواست داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. اليڪشن ڪميشن سال 2014 کان 2018 تائين پي ٽي آءِ جي اثاثن  جي تفصيل جي لاءِ درخواست داخل ڪئي آهي.

درخواست جمع ڪرائڻ کان پوءِ اليڪشن ڪميشن جي ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي محسن  شاهنواز رانجها چيو ته مسلم ليگ(ن) اصل چور جو چهرو عوام جي سامهون بي نقاب ڪرڻ چاهي ٿي. تحريڪ انصاف جي مبينه فارن فنڊنگ جا تفصيل ۽ اسڪروٽني ڪميٽي جي ڪارروائي قوم جي سامهون آندي وڃي ته جيئن عوام کي خبر پئي ته تبديلي جون دعوائون ڪندڙ ۽ تبديلي جو درس ڏيندڙ ئي اصل چور آهن.

محسن شاهنواز چيو ته تحريڪ انصاف کي ٿيندڙ فارن فنڊنگ جو پئسو ڪٿان کان آيو ۽  ڪهڙي مقصد جي لاءِ ڏني وئي. عمران خان پارليامينٽ آڏو طاقتن جي چوڻ تي ڌرڻو هنيو جنهن سبب سي پيڪ جي سرمائيڪاري به رڪجي وئي. پاڪستان جي معيشت کي هڪ سوچيل سمجهيل  منصوبي تحت تباهه ڪيو ويو آهي.  عمران خان ملڪ دشمن ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيو آهي.