ترڪي شام جي اتر واري علائقي ۾ ڪرد ويڙهاڪن خلاف فوجي آپريشن شروع ڪري ڇڏيو

news

انقره: (خميس 10 آڪٽوبر 2019ع) ترڪي شام جي اتر ۽ وچ واري علائقي ۾ ڪرد ويڙهاڪن خلاف فوجي آپريشن جي شروعات ڪري ڇڏي آهي ۽ سرحد جي پاسي واري ڳوٺ راس العين ۾ هوائي ڪارروائي ڪئي وئي.

هڪ برطانوي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب ترڪ صدر رجب طيب اردوان آپريشن جي اجازت  ڏيندي چيو آهي ته اسان جو مقصد ترڪي جي ڏاکڻي سرحد مان دهشتگردن جي راهداري کي ختم ڪرڻ آهي. ترڪي شام ۾ فوجي آپريشن جو فيصلو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان پنهنجي فوج کي اتان کان بيدخل ڪرڻ جي اوچتو فيصلي کان پوءِ ڪيو ويو جڏهن ته ٽرمپ جي فيصلي کي واشنگٽن ۾ تنقيد جو نشانو بنايو پيو وڃي. رپورٽ موجب فوجي ڪارروائي جي حوالي سان ترڪ سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته شام ۾ فوجي آپريشن لاءِ هوائي ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي ۽ ان ۾ سامونڊي فوج جو به تعاون حاصل هوندو.

ترڪ ميڊيا موجب راس العين ۾ بمباري ڪئي وئي. ويڙهاڪ جهازن جي اڏامڻ جون آوازون به ٻڌي سگهجن ٿيون ۽ عمارتن مان دونهون اٿندي نظر اچي رهيو آهي. شام ۾ فوجي ڪارروائي جي تازي سلسلي تي ڪيترن ئي ملڪن طرفان ڳڻتي جو اظهار ڪيو پيو وڃي. ان سان خطي جي بحران ۾ اضافو ٿيندو. ترڪي جو چوڻ هو ته ڪارروائي جو مقصد خطي کي محفوظ بنائڻ آهي ته جيئن لکين پناهگيرن کي شام واپس موڪلي سگهجي. هوڏانهن شام جو چوڻ آهي ته هو ترڪي جي ڪنهن به جارحيت جو قانوني طريقي سان جواب ڏيڻ جي لاءِ تيار آهن.

جڏهن ته ايران شام ۾ ترڪي جي امڪاني فوجي آپريشن جي مخالفت ڪندي خبردار ڪيو آهي ته ترڪي شام جي علاقائي سالميت ۽ خودمختياري جو احترام ڪري. ايراني پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان موجب ايراني پرڏيهي وزير جواد ظريف ترڪ هم منصب سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. جواد ظريف چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مسئلن جي حل لاءِ سڀني کان وڌيڪ بهترين رستو ڳالهيون آهن. 

هوڏانهن ترڪ صدر رجب طيب اردوان جي هڪ ويجهي ساٿي چيو آهي ته ترڪ فوجي دستا شامي باغين جي گروپ في سيريئن آرمي سان گڏ جلد ئي سرحد پار ڪري اتر شام ۾ داخل ٿي وينديون. هوڏانهن يورپي يونين  چيو آهي ته شام ۾ ترڪي جي فوجي آپريشن سان  پناهگيرن جي نئين لهر پيدا ٿيندي.