ملير ويجهو اوڙهه بستي ۾ غلط انجيڪشن سبب ٻارڙي فوت، عطائي ڊاڪٽر گرفتار

news

ملير (رپورٽ: دريا خان شر) خميس 10 آڪٽوبر 2019ع، سکن ٿاڻي جي حد,اوڙھ بستي ۾ غلط انجيڪشن لڳڻ سبب  پنج  سالن جي ٻارڙي جي فوت ٿيڻ جو معاملو.پوليس  فوري ڪارروائي ڪندي عطائي ڊاڪٽر/ڊسپينسر کي گرفتار ڪري ورتو.

پوليس لاش کي پوسٽ مارٽم جي لاء اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. سکن پوليس ٻڌايو ته جوابدار علائقي ۾ غير قانوني طور تي ۽ بغير ڪنھن اجازت نامي جي ڪلينڪ هلائي رھيو ھيو.

فوت ٿيل ويل ٻارڙي جي والدين ٻڌايو ته ٻارڙي کي ساھ کڻڻ ۾ تڪليف جي ڪري ڪليـنڪ وٺي آياسين.ڊاڪٽر انجيڪشن ھيو ته ٻارڙي فوت ٿي وئي.