جسقم چيئرمين صنعان قريشي پاران سترانھن نومبر تي ڪراچي ۾ پيغام سنڌ مارچ ڪرڻ جو اعلان

news

ملير (رپورٽ: درياخان شر) خميس 10 آڪٽوبر 2019ع،  جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي 17 نومبر تي ڪراچي ۾ پيغام سنڌ مارچ ڪرڻ جو اعلان ڪندي صحافين سان ڳالھيندي چيو ته  پيغام سنڌ مارچ ۾ سڄي سنڌ گڏ هوندي،

اهو مارچ ان لاءِ ڪري رهيا آهيون ته سنڌ جي وحدانيت خلاف هر طرف کان سازشون ڪيون پيون وڃن،هن چيو ته جسقم جو سدائين سنڌ جي ورهائڻ واري سازش خلاف چٽو موقف رهيو آهي،

اسان پنهنجي ڌرتي جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻون ٿا.جسقم سربراهه چيو ته ڪڏهن سنڌ ۾ 149 4 آرٽيڪل لڳائڻ جون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن، ته ڪڏهن قومي اسيمبلي ۾ سنڌ کي ورهائڻ جا بل پيش ڪيا پيا وڃن،

اسان سمجهون ٿا اها سڀ ڪجهه سنڌ خلاف سازش جو حصو آهي، ڪراچي سنڌ جي گادي وارو شهر آهي، ان ڪري ڪراچي خلاف ڪابه سازش برداشت نه ڪبي.

صنعان قريشي وڌيڪ چيو ته اسين صرف سنڌ ڌرتي جا ايجنٽ آهيون، سنڌ جي عوام کي خبر آهي ته سنڌ لاءِ شهادتون ڪنهن ماڻيون آهن ۽ اڄ به ڪير سنڌ جي حقن لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهي۔