نصرت ڀٽو وومين يونيورسٽي جي وي سي ڊاڪٽر پروين منشي کان چارج واپس، ڊاڪٽر ثمرين حسين مقرر

news

سکر: خميس 10 آڪٽوبر 2019ع، سنڌ جي وڏي وزير ڊاڪٽر عاصم حسين جي گهر واريءَ کي  بيگم نصرت ڀٽو وومين يونيورسٽي جي وائيس چانسلر مقرر ڪري ڇڏيو، ڊاڪٽر پروين منشي کي 2024ع تائين ڀٽ شاھ صوفي ازم ۽ ماڊرن سائنسز يونيورسٽي جي وي سي مقرر ڪيو ويو،

نوٽيفڪيشن جاري ٿي ويا. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ بيگم نصرت ڀٽو وومين يونيورسٽي جي وائيس چانسلر  ڊاڪٽر پروفيسر پروين منشي کان چارج واپس وٺي ڊاڪٽر عاصم حسين جي گهر واري پروفيسر ثمرين حسين جي حوالي ڪري ڇڏي آھي.

پروين منشي کي صوفي ازم اينڊ ماڊرن سائنسز يونيورسٽي ڀٽ شاهه جي وائيس چانسلري جو ٻيو مدو ڏنو ويو آھي، وڏي وزير گذريل ڏينهن ٻه ڌار ڌار نوٽيفڪيشن جاري ڪيا آهن.

هڪ نوٽيفڪيشن موجب نصرت ڀٽو وومين يونيورسٽي جي وائيس چانسلر  ڊاڪٽر پروين منشي کان چارج واپس وٺندي ان جي جاءِ تي ڊاڪٽر عاصم حسين جي گهرواري ڊاڪٽر پروفيسر ثمرين حسين کي ايندڙ حڪم نامي تائين وي سي جي چارج ڏيڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن.

ڊاڪٽر پروين منشي صوفي ازم ۽ ماڊرن سائنسز ڀٽ شاهه جي وائيس چانسلر آهي جنهن کي اها چارج ڏني وئي هئي. ڊاڪٽر ثمرين حسين ضياءَ الدين يونيورسٽي ڪراچي م ڪم ڪري رهي آهي.

هڪ ٻي نوٽيفڪيشن وسيلي سنڌ جي وڏي وزير ڊاڪٽر پروفيسر پروين منشي کي صوفي ازم اينڊ ماڊرن سائنسز يونيورسٽي ڀٽ شاهه جو هڪ ڀيرو ٻيهر ٻي مدي لاءِ وي سي مقرر ڪيو ويو آهي پر ان ۾ دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ڊاڪٽر پروفيسر پروين منشي جو مدو 19 اپريل 2020ع تي پورو ٿيندو پر وڏي وزير سندس مدي پوري ٿيڻ بعد 20 اپريل 2020ع تي ساڳي يونيورسٽي ۾ سندس چئن سالن جي ٻي مدي لاءِ به ايڊوانس مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.

نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته وڏي وزير ان سلسلي ۾ کيس انڊر سيڪشن 12 ھڪ  تحت مليل اختيارن کي استعمال ڪندي ڊاڪٽر پروفيسر پروين منشي جو وي سي طور خدمتن جي مدي ۾ چئن سالن جو واڌارو ڪيو آهي.