سکر ۾ جي يو آءِ جي آزادي مارچ جون تياريون شروع، مولانا راشد محمود سومرو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي

news

سکر: خميس 10 آڪٽوبر 2019ع: سکر ۾ جي يو آءِ جي  آزادي مارچ جون تياريون شروع ٿي ويون. ٻن 2 ڊويزنس جا سالار  منزل گاھ کان ريلي ڪڍي شھرجو گشت ڪندا پريس ڪلب پھتا. مولانا راشد محمود سومري جو چوڻ آھي تہ اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ آزادي مارچ خلاف داخل درخواست رد ڪرڻ واري فيصلي جي آجين ڪجي ٿي، مارچ سکر مان شروع ٿيندو ۽ 28 آڪٽوبر تي اسلام آباد وڃبو. مولانا فضل الرحمٰن ڪٿان ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندو اھو اڃا طئي ناھي ٿيو.

جي يو آءِ جي آزادي مارچ جي سلسلي ۾ سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزنس جي سالارن جي ريلي منزل گاھ کان جي يو آءِ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري مولانا راشد محمود سومرو ۽ مرڪزي سالار عبدالرزاق عاصي لاکو جي اڳواڻيءَ ۾ منزل گاھ کان نڪتي. ھٿن ۾ پارٽي جھنڊا کنيل سالار شھر جي مختلف رستن جو گشت ڪرڻ بعد سکر پريس ڪلب پھتا. جتي سالارن ۽ ڪارڪنن آزادي مارچ جي حوالي سان ڇتي نعريبازي ڪئي.

اتي ميڊيا سان ڳالھيون ڪندي مولانا راشد محمود سومرو چيو تہ سالار مارچ انصار اسلام جي آزادي مارچ جي ريھرسل آھي. انصار اسلام جا 5 لک کان وڌيڪ وردي پاتل رضاڪار اسلام آباد ڌرڻي ۽ مارچ کي سيڪيورٽي فراھم ڪندا. ھن چيو تہ علي امين گنڊاپور ڪا اھڙي شخصيت ناھي جو جنھن تي ۽ ان جي بيانن تي ويھي ڳالھائجي. قيادت اھڙي تربيت ناھي ڪئي جو علي امين گنڊاپور وانگر ڳالھائجي.

ھن چيو تہ اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ آزادي مارچ خلاف داخل درخواست خارج ڪري ڇڏي آھي ، چيف جسٽس اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ چئي ڇڏيو آھي تہ پرامن احتجاج ھر ڪنھن جو قانوني ۽ آئيني حق آھي. جي يو آءِ فيصلي جي آجيان ڪري ٿي. راشد محمود سومرو چيو تہ 27 آڪٽوبر تي سکر مام آزادي مارچ شروع ٿيندو ۽ رات سکر ۾ ترسي 28 آڪٽوبر تي اسلام آباد روانو ٿيندو.

چئني صوبن مولانا فضل الرحمٰن کي دعوت ڏني آھي. طئي ناھي ٿيو تہ ھو ڪٿان مارچ ۾ شرڪت ڪندو ، سنڌ بہ کيس دعوت ڏني آھي گهڻي اميد آھي تہ سنڌ جي دعوت ئي قبول ٿيندي. ھن چيو تہ خبر ناھي ڪير اھڙيون خبرون ھلائي ٿو تہ مولانا فضل الرحمٰن آرمي چيف سان ملڻ تي راضي ٿي ويو آھي ۽ مارچ تان ھٿ کڻبو،

اھڙي ڪابہ ڳالھ ناھي جي يو آءِ ڪنھن بہ اداري سان ٽڪراءُ نہ ٿي چاھي، آرمي چيف پاڪستان جو آرمي چيف ۽ سڀني  جو سپہ سالار آھي ، آرمي جو ڪم سياست نہ پر سرحدون سنڀالڻ آھي. سياسي معاملن تي سياسي اڳواڻن سان ڳالھائبو. نہ آرمي چيف جي چوڻ تي آزادي مارچ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ھو ۽ نہ ئي ھن جي چوڻ تي ان کي ختم ڪبو.