ڀارت ۾ ستن منهن واري نانگ جي چمڙي جا چوٻول

news

نئين دلي: خميس10آڪٽوبر2019ع: اوهان ٻن منهن واري نانگ جي باري ۾ ته ٻڌو هوندو ۽ شايد ڪڏهن نه ڪڏهن ڏٺو به هوندو پر جيڪڏهن ستن منهن وارو نانگ ڪڏهن اوهان جي سامهون اچي وڃي يقينن اوهان ڊڄي ويندو.

ڀارتي شهر بنگلورو جو ڳوٺ مريگودانا گذريل ڏينهن کان سڀني جي توجهه جو مرڪز بڻيل آهي جنهن جو سبب اتان کان هڪ ستن منهن واري نانگ جي چمڙي جو ملڻ ٻڌايو پيو وڃي.

ٽي وي چينلز ۽ سوشل ميڊيا تي ڪيترن ئي منهن واري نانگ جي چمڙي جي وڊيوز نشر ٿيڻ کانپوءِ آس پاس جي ڳوٺن مان وڏي تعداد ۾ ماڻهو ان عجيب نانگ جي چمڙي ڏسڻ مريگودانا پهتا ۽ گهڻن ئي ماڻهن ته هندو عقيدي موجب نانگ جي چمڙي جي چوڌاري پوڄا پڻ ڪئي.

ڳوٺ جي هڪ شهري ٻڌايو ته 6 مهينا اڳ به اهڙي طرح هڪ چمڙي اتان ملي هئي ۽ اڄ به مندر جي بلڪل ويجهي کان نانگ جي چمڙي هٿ ٿي آهي جنهن جو مطلب آهي ته ان جاءِ تي خاص طاقت حاصل آهي.