ٽنڊو آدم ۾ ڀٽائي سرڪار جي نالي سان تعمير ٿيل لائبريري تي ميونسپل چيئرمين پنهنجو ڦوٽو هڻڻ جو چيف سيڪريٽري نوٽيس ورتو، بورڊ تبديل ڪرڻ جو حڪم

news

ٽنڊوآدم: خميس 10 آڪٽوبر 2019ع، ٽنڊوآدم ۾ ڀٽائي سرڪار جي نالي سان تعمير ٿيل لائبريري تي لطيف سرڪار بجاءِ ميونسپل چيئرمين  پاران پنهنجا ڦوٽو هڻڻ جو چيف سيڪريٽري نوٽيس ورتو، لطيف جي ميلي کان اڳ بورڊ تبديل ڪري لطيف سرڪار جا ڦوٽو هڻڻ جو حڪم

رپورٽ موجب ٽنڊوآدم ۾ ڀٽائي سرڪار جي نالي سان منسوب ٿيل شاهه عبدلالطيف ميونسپل لائبريري جي عمارت تي ميونسپل چيئرمين مسرور غوري پاران لطيف سرڪار بجاءِ مين بورڊ تي پنهنجا ڦوٽو هڻڻ وارين شڪايتن جو چيف سيڪريٽري سنڌ سيد ممتازعلي شاهه نوٽيس وٺندي ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ ۽ چيف ميونسپل آفيسر ٽنڊوآدم کي خط لکي هدايت ڪئي آهي ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي عرس مبارڪ کان اڳ ۾ مذڪوره سائن بورڊ هٽائي شاهه عبدلالطيف ڀٽائي جي تصويرن وارا بورڊ لڳائي رپوٽ ڏني وڃي۔

ٻي صورت ۾ ميونسپل جا فنڊ بند ڪيا ويندا ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي چيف ميونسپل آفيسر محمد ابراهيم عمراڻي چيف سيڪريٽري پاران لکيل خط جي تصديق ڪندي چيو آهي ته  چيف سيڪريٽري جي حڪم تي جلد عمل ڪيو ويندو.