ٽنڊوآدم: خميس 10 آڪٽوبر 2019ع، ڄام برانچ ۽ ان مان نڪرندڙ 10 کان وڌيڪ شاخن ۾ پاڻيءَ جي کوٽ فصل سڪي ويا آبادگارن کي ڪروڙن جي نقصان جو خدشو احتجاج
رپوٽ موجب ڄام برانچ شاخ ۽ ان مان نڪرندڙ 10 کان وڌيڪ شاخن ٻرڙا مائينر، قبو يگان، سنگهر، ٻيراڻي ڊسٽري، مورياڻي ، ڀوڀر نڌران، ڏاڙهان ، ميل مائينر ۽ ٻين شاخن ۾ گذريل ٻن هفتن کان پاڻيءَ جي کوٽ هئڻ ڪري هزارين ايڪڙن تي بيٺل وونئڻن ، ڪمند ، ڪيلي ۽ ڀاڄين جا فصل سڪي تباهه ٿي ويا آهن ۔
جنهن ڪري آبادگارن کي ڪروڙين روپيه نقصان جو انديشو آهي ان سلسلي ۾ ابادگارن شوڪت علي مري ، گل بيگ رند ، حاجي قادر بخش، حاجي عبدالرحمان بروهي ۽ ٻين پريس ڪلب پهچي دانهيو آهي ته آبپاشي کاتي هالا ڊويزن جي انجنيئر جي چوڻ تي ڄام برانچ ۾ ٻن هفتن کان پاڻي بند ڪيو ويو آهي ۽ عملدار پاڻي ڏيڻ لاءِ لکين روپيه رشوت جي گهر ڪري رهيا آهن۔
هنن چيو آهي ته اسان جا فصل پاڻي نه ملڻ ڪري سڪي تباهه ٿي ويا آهن هنن اختيارين کان نوٽيس وٺي مسئلي جي حل جي گهر ڪئي آهي۔