برساتن کان پوءِ بدين شهر ۾ مڇر مار اسپري نه ٿيڻ جي ڪري سوين ماڻهو مليريا ۾ وٺجڻ لڳا، ڊينگي پکڙڻ جو خدشو

news

بدين:  خميس 10 آڪٽوبر 2019ع، برساتن کان پوءِ بدين شهر ۾ مڇر مار اسپري نه ٿيڻ جي ڪري سوين ماڻهو مليريا ۾ وٽجي ويا ڊينگي پکڙڻ جو خدشو

خبر موجب ٽي لک آبادي جي شهر بدين ۾ برساتن کان پوءِ ميونسپل ڪميٽي طرفان مڇر مار اسپري نه ڪرايو ويو آهي جنهن ڪري سڄو شهر مڇرن جي گهيري ۾ آهي سوين ماڻهو مڇرن جا چڪ لڳڻ سبب مليريا ۾ وٽجي ويا آهن.

شهر جي هيٺين وارن علائقن ۾ بيٺل برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب اتي مڇرن جون نرسريون قائم ٿي ويون آهن جن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ نه گندو برساتي پاڻي ڪڍيو وڃي ٿو نه وري مڇر مار اسپري ڪيو وڃي ٿو جنهن ڪري شهري سخت مشڪلاتن جو شڪار آهن

جڏهن ته ڊينگي پکڙڻ جو خدشو پڻ وڌي ويو آهي بدين جي شهرين محمد نديم مغل شجاعت حسين خواجه ۽ ٻين ڊپٽي ڪمشنر بدين سيشن جج بدين ۽ ڊي ايڇ او بدين کي اپيل ڪئي آهي ته بدين شهر ۾ مڇر مار اسپري ڪرائي بيٺل گندو پاڻي نيڪال ڪرائي شهرين کي مليريا ۽ ڊينگي بخار کان بچايو وڃي.