بدين ۾ ميٽرڪ جي شاگرد جي موٽر سائيڪل چوري، احتجاج

news

بدين:  خميس 10 آڪٽوبر 2019ع، بدين ۾ چور ميٽرڪ جي شاگرد جي موٽرسائيڪل چوري ڪري ويا شاگرد جو احتجاج خبر موجب هاءِ اسڪول بدين ۾ ميٽرڪ جو سپليمنٽري امتحان ڏيڻ جي لاءِ آيل شاگرد شاهد ڳهلڙو هاءِ اسڪول ۾ امتحاني پرچو ڏيئي واپس ٻاهر نڪتو ته سندس سي ڊي موٽرسائيڪل نمبر ايڇ اي ايم 0340 نامعلوم چور ڪاهي فرار ٿي ويا هئا۔

اهڙي واقعي خلاف شاگردن هاءِ اسڪول ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪرڻ کان پوءِ ماڊل ٿاڻي بدين تي رپورٽ داخل ڪرائي آهي۔