چوهڙ جمالي ۾ پوليس جي منشيات خلاف ڪاروائي، گٽڪا جي ڏيڍ سئو پڙين سميت هڪ ڄڻو گرفتار

news

چوھڙجمالي:خميس 10 آڪٽوبر 2019ع سنڌ ھاء ڪورٽ جي حڪم تحت گٽڪي مافيا خلاف چوھڙجمالي پوليس جي ڪاروائي ڪوشي گٽڪا فيڪٽري ھلائيندڙ ھڪ جوابدار گٽڪي جي 150  پڙين سميت گرفتار ڪري 337j تحت چالان ڪري ڇڏيو ـ

چوھڙجمالي پوليس ايس ايڇ او غلام مصطفي' سولنگي ۽ اي ايس آئي وزير احمد کوکر جي اڳوڻي ۾  ھڪ ڪيبئن تي ڇاپو ھڻي گٽڪي جون 150 پڙين ھٿ ڪري ڪوشي گٽڪا فيڪٽري جو گٽڪا ھلائيندڙ عبدالشڪور ولد محمد عثمان ڪوشي ميمڻ کي گرفتار ڪري j337 تحت چالان ڪري ڇڏيو آھي ـ

چوھڙجمالي ۾ سنڌ ھاء ڪورٽ جي حڪم تحت j337 جو پھريون شڪار شھر ۾ ھلندڙ ڪوشي گٽڪا فيڪٽري جو گٽڪو ھلائيندڙن کان شروع ڪئي آھي چوھڙجمالي پوليس جي گٽڪا فيڪٽري مافيا خلاف اھڙي ڪاروائي تي شھرين پاران پوليس جي ڪاڪردگي کي ساراھيو آھي.