news
دادو

دادو ۾ شاعر احمد احمد شاهه المعروف استاد بخاري جي ستاويهين ورسي تقريب ٿي گذري

دادو: خميس 10 آڪٽوبر 2019ع، سنڌي ۽ سرائيڪي ٻولي جي سدا حيات عوامي شاعر احمد شاهه المعروف استاد بخاري جي 27 هين ورسي تقريب هر سال جيان هن سال به هڪ وڏي جلسي جي صورت اختيار ڪري وئي، دادو ضلع ڪائونسل جي پارڪ ۾ استاد بخاري جي هزازين عقيدتمندن سميت سڄي سنڌ جي اديبن، ليکڪن، دانشورن، شاعرن، ڪالم نگارن، ڪهاڻيڪارن، صحافين، سياسي، سماجي ڪارڪنن، ورڪرن سميت سول سوسائٽي، سوشل ميڊيا سان لاڳاپيل حلقن شرڪت ڪئي، اسٽيج سيڪريٽري واري فرائص سيد تابش شاهه بخاري، سجاد يوسف سومرو سر انجام ڏنا،

ورسي تقريب جي صدارت محقق، اديب، شاعر ڊاڪٽر بشير احمد شاد ڪئي، مهمان خاص ۾ علم ۽ ادب جو پارکو تاج جويو هئا، جڏهن ته اعزازي مهمانن ۾ ڪهاڻيڪار پروفيسر عزيز ڪنگراڻي، مزاحمتي شاعر مهر ڊرٻائي، شاعرن سيد انعام علي شاهه، علي دوست عاجز، ليکڪن ۾ عزيز سنڌي، احمد خان سهاگ، انور ساگر ڪانڌڙو، آپا حميرا نور ارشد، محمد عثمان ميمڻ، ڊاڪٽر احسان دانش شامل هئا، استاد بخاري جي ورسي تقريب 8 نشيستن تي مشتمل هئي جن ۾ ادبي ڪانفرنس، مڃتا ايوارڊ، مشاعرو، شاعري، ثقافتي رنگ جنهن ۾ لونگي اجرڪو ۽ ٽوپي اوڍائڻ شامل آهن،

ان موقعي تي بهترين ليکڪ جو ايوارڊ پروفيسر عزيز ڪنگراڻي وصول ڪيو، مزاحيه شاعري جو ايوارڊ ذولفي ذوالفقار کي مليو، مزاحمتي شاعر مهر ڊرٻائي، آپا حميرا ارشد نور، اديب ۽ دانشور تاج جويو، سيد انعام علي شاهه، انور ساگر ڪانڌڙو، صحافي طارق لغاري صدر پريس ڪلب دادو ۽ ٻين استاد بخاري ايوارڊ حاصل ڪري ورتا، ان موقعي ڊاڪٽر الطاف حسين بخاري مهمانن کي آجيانو ڏيندي چيو ته جو قوم جياري سو جيئندو رهندو استاد ادبي ماڻهو هو جنهن تي ڪم ٿيڻ کپي ڪلچرل کاتو کيس مسلسل نظر انداز ڪندو پيو اچي، جڏهن ته ورسي جي تقريب استاد بخاري جي فيملي طرفان منعقد ڪئي وئي آهي،

پروفيسر عزيز ڪنگراڻي چيو ته استاد بخاري جديد سنڌي جو نظم ۽ گيتن ۾ ڪامياب تجربه حاصل ڪيا، بخاري اهو سج آهي جيڪو ڌرتي تان ڪڏهن به نه لهندو، سنڌ جي مزاحمتي شاعر چيو ته ڪو رئيس ڪو ڀوتار ڪو خان هوندو، ڇپر ۽ ڇت به هوندو اي سي ڊي سي هجي يا هجي، يا هجي ڪو منسٽر سچو ڊرٻائي جي نه سنڌ سان نه ڪو پيءُ جو پٽ هوندو، هن چيو ته گذاري احمد شاهه ويو آ استاد بخاري اڄ به زنده آهي، پڇون آخر پڇون ڪنهن کان اسان جو ڏوهه ڪهڙو، ازل کان امن جا حامي ٻڌايو ڪا ڏٺو خامي، خطا تن کي ته سمجهايو هٿن سان ملڪ جن جوڙيو حشر ڇو غير جهڙو آ، اسان جو ڏوهه ڪهڙو آ، اديب دانشور تاج جويو چيو ته استاد بخاري هڪ مقدس ادارو آهي ان جي ڪک مان ڪيترن ئي اديبن، دانشورن، ليکڪن، شاعرن، استادن، صحافين، شاگردن تعليم حاصل ڪئي،

لنڊن ۾ به بخاري جي لونءَ لونءَ دادو جي مٽي کي ويٺي ساريو، پاڻ امر بڻجي پنهنجي قوم ۽ ڌرتي لاءِ هڪ خاص پيغام ڏنو جيڪو صدين تائين مشعل راهه بڻيل رهندو، شاعره آپا حميرا ارشد نور پنهنجي شاعري ۾ مقالعو پڙهندي چيو ته هن اک جي وادي ۾ ڪا پريت پراڻي آ، تون ايندو رهندو ڪر جذبن جي ڪهاڻي، جڏهن ته عاجز سرگاڻي، ذولفي ميمڻ، ڊاڪٽر احسان دانش، فياض جويو، دائود دکي، اقبال رند، ساجد جمالي، شاد ڇٽو غلام حيدر خاصخيلي سيد انعام علي شاهه پنهنجي شاعري پڙهي وڏو داد حاصل ڪيو ۽ واهه واهه ٿيندي رهي،

آخر ۾ سنڌ نالي وارن فنڪارن منظور سخيراڻي، غلام شبير شاهاڻي، جنسار علي سمون، ٻالڪ سنڌي، حبدار سخيراڻي، اسلم راهي، سجاد سولنگي، سڪندر سومرو، سرور سخيراڻي، فاروقي فقير، قادر سنڌي، احسن سخيراڻي ۽ ٻين استاد بخاري جي شاعري ۾ ڪلام پيش ڪري آيل مهمانن کي جهومائي ڇڏيو.