ڏوڪري ڀرسان تقريب ،اسڪولي ٻارڙن ۾ بيت بازي ۽ تقريري مقابلا

news

ڏوڪري:خميس 10 آڪٽوبر 2019ع، ڏوڪري ڀرسان تقريب ،اسڪولي ٻارڙن ۾ بيت بازي ۽ تقريري مقابلا، بھترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ٻارڙن ۾ انعام تقسيم

تفصيل موجب ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ شير محمد جوڻيجو ۾ ناجيه شاگرد تنظيم نشات جماعت لواري شريف پاران ضلعي سطع تي تعليمي جاڳرتا جي حوالي سان هڪ تقريب ڪوٺائي وئي جنهن ۾ اسڪولي ٻارڙن تقريرون ڪيون بيت بازي ۽ گيت پڙهڻ جي مقابلن ۾ حصو ورتو.

تقريب ۾ تنظيم جي اڳواڻن سڄاڻ ڌرين امجد حسين مسڻ، عبدالوحید جوڻيجو، ڊاڪٽر مولابخش جوڻيجو، محمد عثمان جوڻيجو ،زبير احمد جوڻيجو ، منظور علي، غلام قادر مسڻ، منور احمد جوڻيجو صفدر حيدر، مزمل حسین، محمد اسماعیل ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي تقريري مقابلن بيت بازي ۽ گيت پڙهڻ ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ اسڪولي ٻارڙن واجد مسڻ، سمير جوڻيجو، مبين جوڻيجو، حمير جوڻيجو، ساگر علي ۽ ٻين پوزيشنون ماڻي ورتيون جن ۾ انعام تقسيم ڪيا ويا. ان موقعي تي اڳواڻن  جو چوڻ هو ته تعليم سان ئي معاشري جي ترقي ممڪن آهي اچو ته گڏجي جهالت جي خاتمي لاءِ هرطرف تعليم جو ڏيئو روشن ڪريون.

ٍٍهنن وڌيڪ چيو ته نونهالن کي تعليم طرف راغب ڪرڻ لاءِ نصابي ۽ غير نصابي سرگرميون ضروري آهن تنهن ڪري اسان هي پروگرام ڪرايو آهي جيئن تعليمي شعور بيدار ٿي سگهي. ان موقعي تي عثمان جوڻيجو، امجد حسين، غلام قادر مسڻ ۽ ٻين خطاب ڪيو.