ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ ٻلهڙيجي ۾ انڊس ڊولپمينٽ ايسوسئيشن ٻلھڙيجي پاران صفائي لاءِ ملازم مقرر

news

ڏوڪري: خميس 10 آڪٽوبر 2019ع، ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ ٻلهڙيجي ۾ انڊس ڊولپمينٽ ايسوسئيشن ٻلھڙيجي پاران قائم ڪيل ڪراچي ڪاميٽي جي تعاون سان پنھنجي مدد پاڻ تحت اڄ ٻلھڙيجي جي صفائي لاءِ ملازم مقرر ڪيو ويو،

جيڪو ڳوٺ جي نالين ۽ گھٽين جي صفائي سٿرائي جو ڪم ڪندو ڳوٺ ٻلهڙيجي جي ڪم جي اڳواڻي سماجي اڳواڻ مامو رمضان ساريو، فراز پيرزادو ۽ بخت پيرزادو ڪئي جڏهن ته اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪراچي ۾ رھندڙ ٻلھڙيجي واسين جي تعاون سان ھي ڪم شروع ڪيو آھي جيڪو جاري رھندو اڃان به اسان پنهنجي ڀرپور ڪوشش جاري رکندا سين ته جئين ڳوٺ ٻلهڙيجي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ ڏينهن رات پنهنجي محنت جاري رکندا سين،

ھن ۾  ڪنھن بہ سرڪاري اداري جو ڪو سھڪار ناھي پنھنجي ھڙان وڙان ھي خدمت ڪيون پيا ڳوٺ ٻلھڙيجي کي سھڻو بڻائڻ اسان جي منزل آهي ۽ اسان ڳوٺ وارن تي فرض آهي ته پنهنجي ڳوٺ کي بهتر کان بهتر بڻائي سگهون.