گهوٽڪي ۾ ايس ايس پي ڊاڪٽر فرخ لنجار طرفان سرڪٽ هائوس ۾ کلي ڪچهري منعقد

news

گهوٽڪي: خميس 10 آڪٽوبر 2019ع، گهوٽڪي وڳوڙن دوران شهرين پنهنجو مثالي ڪردار ادا ڪيو جنهنڪري ڪوبه وڏو نقصان ٿيڻ کان بچي ويو، داخل ڪيسن ۾ اگر ڪنهن به شهري جو غلط نالو درج ٿي به ويو آهي ته اهو پنهنجا ثبوت پيش ڪري نالو خارج ڪيو ويندو ڇوته اڃان واقعي بابت جاچ هلي رهي آهي .

اهڙو اظهار ايس ايس پي گهوٽڪي ڊاڪٽر فرخ لنجار سرڪٽ هائوس گهوٽڪي ۾ کلي ڪچهري دوران ڳالهائيندي ڪيو سندس چوڻ هو ته گهوٽڪي وڳوڙن جا 3 الڳ الڳ ڪيس داخل ڪيا ويا جيڪي وڊيو ۽ اکين ڏٺن شاهدين جي بنياد تي داخل ڪيا ويا آهن اگر پوء به ڪنهن بي گناه شهري جو نالو ڪيسن ۾ اچي به ويو آهي ته اهو پنهنجا ثبوت کڻي ڊي ايس پي گهوٽڪي وٽ پيش ڪري ته هن جو نالو خارج ڪيو ويندو ڇوته اڃان ڪيسن جي جاچ هلي رهي آهي هو ڪنهن سابه ناجائزي ٿيڻ نه ڏيندو ايس ايس پي گهوٽڪي جو وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن کان گهوٽڪي ضلعو امن امان جي حوالي سان تمام بهتر آهي ڇوته هتي الله جي مهرباني سان ڪو وڏو ڪرائيم ناهي ٿيو هن پنهنجي ٽيم کي ساراهيندي چيو ته جانباز ۽ بهادر پوليس اهلڪارن جي ڪري اڄ شهر توڙي ڀرپاسي ۾ امن قائم آهي.

کلي ڪچهري دوران شهرين طرفان وڌ ۾ وڌ موٽرسائيڪلون چوري ٿيڻ جون شڪايتون ٿيون جنهن بابت ايس ايس پي گهوٽڪي جو چوڻ هو ته جڏنهن وڏا ڏوه بند ٿيندا آهن ته ننڍا ننڍا ڏوه ظاهر ٿيندا آهن جيڪو معمول هوندو آهي پر ان هوندي به هو حد جي ايس ايڇ او کي سختي سان هدايت ڪري ٿو ته هو ٻن هفتن اندر چوري ٿيل موٽرسائيڪلون واپس ڪرائي مالڪن حوالي ڪري ان دوران ايس ايس پي گهوٽڪي چوري ٿيل موٽرسائيڪلن جي مالڪن کي گذارش ڪئي ته هو چوري جو ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائين ته جيئن چوري ۾ ملوث ڏوهارين خلاف اثرائتي ڪاروائي ٿي سگهي.

ڪيس داخل نه ٿيڻ جي صورت ۾ ڏوهارين خلاف قدم نه ٿو کڻي سگهجي جنهن ڪري چورين ۾ اضافو ٿئي ٿو ان دوران ڊي ايس پي گهوٽڪي يار محمد رند، ايس ايڇ او اي سڪيشن آغا شمشاد پٺاڻ سميت سب ڊويزن گهوٽڪي جا ايس ايڇ اوز شهري اتحاد جا اڳواڻ صحافي ۽ وڏي تعداد ۾ شهري پڻ موجود هئا.