مديجي ۾ گهر مان ڏينهن ڏٺي جو چوري جي ڪوشش، چور گرفتار

news

مدئجي: خميس 10 آڪٽوبر 2019ع، مدئجي جي مشواڻي محلي ۾ مشواڻي برادري جي عاشق علي مشواڻي جي گهر مان چوري جي ڪوشش ڪئي وئي گهر ڌڻي جي گهر اندر داخل ٿيڻ تي چور گهر ڌڻي کي ڏسي فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي گهر ڌڻي جي اطلاع تي پوليس پهچي چور جو پيڇو ڪيو پوليس اهلڪارن ڊوڙائي ڊوڙائي هڪ چور ذوالفقار شيخ کي سوگهو ڪري وڌو.

جنهن کان پوء گرفتار ٿيل چور جي نشاندهي تي چوري جو سامان خريد ڪندڙ  3 ڄڻن محمد حنيف شيخ، راشد، فهيم شيخ کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو .

,ان موقعي تي مدئجي پوليس ٻڌايو ته 17 سالا ذوالفقار شيخ مشواڻي محلي مان چوري ڪري رهيو هيو جنهن جو اطلاع مليو پوليس پهچي چور جو پيڇو ڪيو جنهن کي شاهي بازار مان سوگهو ڪيو ويو- گرفتار ٿيل چور جي نشاندهي تي وڌيڪ 3 ڄڻن کي گرفتار ڪيو آهي,

وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون, خبر فائيل ٿيڻ تائين ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هوڏانهن خبر فائيل ٿيڻ تائين ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.