ترڪ ڪارروائين تي تنقيد جاري رهي ته مهاجرن لاءِ يورپي جا دروازا کولي ڇڏينداسين: اردگان

news

انقرا: جمعو11آڪٽوبر2019ع: ترڪي جي صدر طيب اردگان جو چوڻ آهي ته ترڪي ۾ شام جي ڪارروائين تي تنقيد جاري رهي ته ملڪ ۾ رهندڙ 36 لک شامي مهاجرن لاءِ يورپ جا دروازا کوليا ويندا.

پرڏيهي خابرو اداري موجب استنبول ۾ پنهنجي پارٽي جي تقريب کي خطاب ڪندي طيب اردگان ڌمڪي ڏيندي چيو ت شام ۾ سرعام درجنين دهشتگرد گروهه متحرڪ آهن ۽ دهشتگردن کي روڪڻ لاءِ ترڪ آپريشن کي تنقيد جو نشانو بڻائڻ قبول نه ڪنداسين.

يورپي ملڪ فرانس، صيهوني ملڪ اسرائيل، آمريڪا ۽ ٻين يورپي ملڪن طرفان سخت تنقيد جو نشانو بڻائڻ تي ترڪ صدر ڌمڪي ڏني ته جيڪڏهن ترڪي جي ڪارروائي کي غاصباڻو قدم قرار ڏنو ويو ته انقرا پنهنجا دروازا کولي 36 لک شامي مهاجرن کي يورپي طرف موڪلي ڇڏيندو.

تقريبد وران هن سعودي عرب ۽ مصر تي پڻ تنقيد ڪئي ۽ چيو ته سعودي عرب آئيني ۾ پاڻ کي ڏسي ته هن يمن ۾ ڇا ڪيو آهي جڏهن ته مصر ڏسي ته هن هڪ چونڊيل جمهوري صدر محمد مرسي سان ڪهڙو ورتاءُ ڪيو، مرسي عدالتي ڪمري ۾ لاڏاڻو ڪري ويو ۽ سندس خاندان کي آخري رسمون ادار ڪرڻ جي به اجازت نه ڏني وئي، توهان ڪهڙي قسم جا قاتل آهيو.