روس ۾ اسي ڪروڙ سال پراڻو منفرد هيرو هٿ

news

ماسڪو: جمعو11آڪٽوبر2019ع: دنيا ۾ پهريون ڀيرو اهڙو هيرو هٿ ڪيو ويو آهي جنهن جي اندر هڪ هيرو موجود آهي، روس ۾ هٿ ٿيندڙ اهو منفرد هيرو امڪاني طور تي 80 ڪروڙ سالن کان به وڌيڪ پراڻو آهي، ان کي ميٽريوشيڪا جو نالو ڏنو ويو آهي.

ميڊيا رپورٽ موجب ان هيري جو وزن .62 قيراط آهي جڏهن ته ان جي اندر موجود هيري جو وزن .2 قيراط آهي، هيري جي اندر هڪ ٻئي هيري جي موجودگي تي سائنسدان ان قيمتي پٿر جي مختلف طريقين سان جاچ ڪئي جنهن جي لاءِ انفراريڊ ۽ ايڪسري وغيرا جو پڻ استعمال ڪيو وي، ان دوران جيڪي دلچسپ شئي هٿ ڪئي وئي اهو ٻنهي هيرن وچ ۾ موجود خلا هو.

سائنسدانن ان حوالي سان 2 خيال پيش ڪيا آهن هڪ ته اهو اهي ته تمام تيز واڌ ويجهه جي نتيجي ۾ اندر موجود هيري جي مٿان هڪ ٻئي هيري جهڙي مادي جي تهه بڻجي وئي ۽ پوءِ قدرتي ڌاتي پراسيس جي ن تيجي ۾ اها تهه ختم ٿي وئي ته هڪ هيرو ٻئي جي اندر آزادي سان ڦرڻ لڳو.

ٻيو خيال اهو آهي ته هڪ ڌاتي منترل هيري کي واڌ ويجهه دوران پڪڙي ورتو ۽ پوءِ زمين جي سطح تي ختم ٿي ويو، هينئر تائين ان جي ڪابه قيمت طئه ناهي ڪئي وئي پر اهو دنيا جي سڀ کان مهانگن هيرن مان هڪ ثابت ٿيندو.