نيب هيڊ ڪوارٽر ۾ خورشيد شاهه سان وڪيلن جي ٽيم جي ملاقات، اوڻٽيهه سوال نامي جا جواب داخل ڪرايا ويا

news

سکر: جمعو 11  آڪٽوبر 2019ع، نيب هيڊڪوارٽر ۾ آمدني وڌيڪ ملڪيت ٺاهڻ جي الزام هيٺ گرفتار پ پ اڳواڻ سيد خورشيد شاهه سان وڪيلن جي ٽيم ملاقات ڪئي آھي.

29 سوالنامي جا جواب داخل ڪرايا ويا. خورشيد شاهه جو علاج نه ڪرائڻ بابت وڪيلن جي ٽيم ڊي جي نيب کي آگاهه ڪري ڇڏيو. آمدني کان وڌيڪ ملڪيت ٺاهڻ جي الزام هيٺ گرفتار ٿيل پ پ اڳواڻ ايم اين اي سيد خورشيد احمد شاهه سان سندس وڪيلن جي ٽيم نيب هيڊڪوارٽر ۾ ملاقات ڪئي۔

ملاقات بعد خورشيد شاهه جي وڪيل مڪيش جي ڪارڙا جو چوڻ آهي ته آمدني کان وڌيڪ ملڪيت ٺاهڻ بابت ٻه ڀيرا نيب جاچ ڪري چڪي آهي ان باوجود سياسي انتقام جي بنياد تي ٽيون ڀيرو ساڳئي الزامن جي جاچ ڪئي پئي وڃي. 

وڪيل موجب نيب جي ڏنل 29 ھين سوالنامي جو جواب داخل ڪرايو ويو آهي وڪيل مڪيش جي ڪارڙا جو چوڻ هو ته پ پ اڳواڻ سيد خورشيد شاهه جي دوائون نه ملڻ، شگر وڌڻ ۽ ننڊ پوري نه ٿيڻ سبب طبيعت خراب آهي.

ان بابت ڊي جي نيب کي آگاهه ڪيو ويو آهي وڪيل موجب خورشيد شاهه جو ڪنهن بهتر اسپتال مان چيڪ اپ ڪرايو وڃي.