سکر ۾ گوليمارواسڻ جو پنھنجي امڙ سان گڏ سھري ، ڏير ۽ پوليس خلاف احتجاج

news

سکر: جمعو 11  آڪٽوبر 2019ع، سکر ۾ گوليمارواسڻ پنھنجي امڙ سان گڏ سھري ، ڏير ۽ پوليس خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. سائيٽ ٿاڻي جي حد گوليمار جي رھواسڻ پروين شيخ پنھنجي پيرسن امڙ شھزادي شيخ سان گڏ سھري محمد حسن بجاراڻي ، ڏير عابد حسين بجاراڻي ۽ سائيٽ پوليس خلاف سکر پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو.

جتي پروين شيخ ٻڌايو تہ سندس 12 سال اڳ مائٽن جي رضامنديءَ سان گوليمار جي رھواسي نورحسن بجاراڻي سان شادي ٿي ھئي. شادي بعد مڙس نورحسن سان گڏ محمد حسن ۽ عابد حسين بجاراڻي مارڪٽ ڪندا ھئا. سھري محمدحسن بجاراڻي ڪيترائي ڀيرا ساڻس زبردستي لڄالٽ ڪئي.

جنھن کان تنگ ٿي ھن عدالت وسيلي 8 مھينا اڳ مڙس کان خلع ورتي. خلع وٺڻ بعد ھو ڪراچي وڃي رھي. ھن ٻڌايو تہ ھو ڀيڻ سان ملڻ لاءِ ڪراچي کان سکر آئي تہ محمد حسن ۽ عابد حسين بجاراڻيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ ھٿياربندن کيس اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. اھي کيس ڪاري قرار ڏئي مارڻ چاھين ٿا.

پوليس پئسا وٺي سندن خلاف ڪاروائي نہ ٿي ڪري. ھن مطالبو ڪيو تہ کيس تحفظ ۽ انصاف ڏنو وڃي.