سکر پوليس خانپور عيدگاھ ڌماڪي جو مک دهشتگرد گرفتار ڪري ورتو

news

سکر: جمعو 11  آڪٽوبر 2019ع، سکر پوليس خانپور عيدگاھ ڌماڪي جو مک دهشتگرد گرفتار ڪري ورتو, وٽانئس بارودي مواد ۽ هٿيار هٿ ڪيا ويا آھن.

سکر پوليس جي ترجمان بلال مير لغاري موجب تماچاڻي ٿاڻي جي حد اسپورٽس ڪمپليڪس لڳ سي ٽي ڊي پوليس ڳجهي اطلاع تي دهشتگردن کي گرفتار ڪرڻ لاء ڪاروائي ڪئي,

ڪاروائي دوران ڏوهارين ۽ پوليس وچ ۾ مقابلو ٿي پيو, مقابلي دوران سي ٽي ڊي پوليس جي جوانن شڪارپور ضلعي جي خانپور عيدگاھ ۾ ٿيل بم ڌماڪي جي مک جوابدار حسين بخش عرف ملان محد بخش بروهي کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان بم ڌماڪي ۾ استعمال ٿيندڙ بارود, ڊيٽونيٽر, تار, هٿيار ۽ ٻيو سامان هٿ ڪيو آھي,

ايس ايس پي عرفان سمون جو چوڻ آھي ته گرفتار دهشتگرد سال 2016 ۾خانپور عيدگاه ۾ ٿيل بم ڌماڪي جو مرڪزي ڪردار ۽ لشڪر جهنگوي جي عبدالله بروهي ۽ حفيظ بروهي جو ويجهو ساٿي آھي.