ڏوڪري ۾ ڪشميري ڀينرن ۽ ڀائرن سان اظھارِ يڪجھتي ۽ ڀارت جي رياستي دھشتگردي جي خلاف ريلي ڪڍي وئي

news

ڏوڪري: جمعو 11 آڪٽوبر 2019ع، قومي امن ڪاميٽي براء بين المذاھب ھم آھنگي اي تعلقہ ڏوڪري جي طرفان ڪشميري ڀنرن ۽ ڀائرن سان اظھارِ يڪجھتي ۽ مقبوضہ ڪشمير ۾ ڀارت جي رياستي دھشتگردي جي خلاف ريلي ڪڍي وئي. ريلي کي خطاب ڪندي عھديدارن اختر حسين، عابد علي ابڙو۔حاجي علي اڪبر۔زبير علي ميمڻ۔اعجاز جت۔صابر جروار۔  غوث بخش کوکر۔محمد شريف پيرزادو۔ الطاف اڀڙو۔آفاق علي اڀڙو۔۽ ٻين حڪومت وقت کان اھو مطالبو ڪيو تہ ڪشمير ۾ مھينن کان ڪرفيو لاڳو آھي، سڄو ڪشمير ڀارت جو جيل بڻجي چڪو آھي،

80 لک ڪشميري ھڪ ئي وقت ھندستان جا قيدي بڻيل آھن، ضروريات زندگي جي شين جي کوٽ سبب لکين ماڻھن جي زندگي خطري ۾ آھي، ڪميونيڪيشن نظام مڪمل بند ڪري ڪشمير کي دنيا کان ڪٽيو ويو آھي، اھڙي صورتحال ۾ خارجہ پاليسي تي غور ڪرڻ وقت جي اھم ضرورت آھي. ڪشمير پاليسي ۾ تبديلي ڪري ھاڻي طاقت جي ٻولي کان ڪم ورتو وڃي،

ڇو تہ ڳالھين جي ذريعي يا اقوام متحدہ جي پليٽ فارم تان ڪشمير جو مسـئلو حل ٿيڻو ھجي ھا تہ ڪشميري 70 سالن کان حالت جنگ ۽ سراپا احتجاج نہ ھجن ھا. اسين عالم اسلام کان مطالبو پيا ڪيون تہ خدارا پنھنجا سياسي ۽ معاشي مفاد ختم ڪري، جمھوريت ۽ بادشاھت واري سوچ کي ختم ڪري پنھنجي دين اسلام کي اھميت ڏئي امت مسلمہ ٿي ڪشمير لاء ۽ فلسطين لاء سوچو.

اسين ڪشميرين جي حمايت جاري رکنداسين جيستائين انھن کي آزادي نہ پئي ملي ۽ انھن جي آزادي لاء پنھنجي جان قربان ڪرڻ لاء بہ تيار آھيون.