آمريڪا سعودي عرب جي لاءِ وڌيڪ ٽي هزار فوجي موڪليندو

news

واشنگٽن:(ڇنڇر 12 آڪٽوبر 2019ع)   آمريڪا سعودي عرب جي لاءِ وڌيڪ 3000 فوجي  روانا ڪري رهيو آهي. جيڪي خاص طور تي رياست ۾ تيل ريفائنرين جي حفاظت لاءِ مدد ڪندا ان سان گڏ ئي ڪيترن ئي قسمن جو فوجي سامان به روانو ڪيو ويندو.

پينٽاگون مان جاري  ٿيندڙ بيان موجب سعودي عرب ۾ وڌيڪ فوجي موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. آمريڪي بچاءُ واري وزير مارڪ ايسپر ميزائل کي روڪڻ واري پيٽرياٽ نظام  جون 2 بيٽريون، هڪ عدد ٽي ايچ اي اي ڊي بيلسٽڪ ميزائل انٽرسيپشن سسٽم، ٻه فلائٽ اسڪواڊرن ۽ هڪ ايئر ايڪسپيڊيشنري ونگ موڪلڻ جو به اعلان ڪيوويو آهي. پينٽاگون جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته ان حوالي سان آمريڪي بچاءُ واري وزير سعودي ولي عهد محمد بن سلمان کي فوج جي باضابطه مقرري جي اطلاع ڏني آهي ۽ سعودي  بچاءُ کي مضبوط بنائڻ جو يقين ڏياريو آهي.

اهڙي طرح رياست ۾ وڌيڪ 3000 فوجي موڪلياويندا. پينٽاگون وڌيڪ چيو آهي ته خطي ۾  پيش ايندڙ خطرن کي نظر ۾ رکندي قدم کنيا ويا آهن ته جيئن ايراني جارحيت کان به بچي سگهجي. محمد بن سلمان پاڻ آمريڪا کان ان جي درخواست ڪئي هئي. آمريڪي بچاءُ واري وزارت موجب 3000 فوجي مقرر ڪرڻ کان پوءِ خطي ۾ آمريڪا جي فوجين جو انگ 14000 تائين پهچي ويو آهي ۽ ان کي سينٽرل ڪمانڊ ايريا جو نالو ڏنو ويو آهي.

هڪ مهينو اڳ سعودي عرب ۾ تيل جي اهم ريفائنرين تي ميزائلن سان حملو ڪيو ويو هو جنهن جو الزام ايران مٿان هنيو ويو هو پر ايران ان الزامن جي ترديد ڪئي هئي.