فيصل آباد ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ نثار جٽ جي گاڏي تي فائرنگ سبب پوليس اهلڪار سميت ٽي ڄڻا مارجي ويا

news

فيصل آباد: (ڇنڇر 12 آڪٽوبر 2019ع) ٺيڪري ٿاڻي جي علائقي ۾ اڳوڻي اسيمبلي ميمبر ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ نثار جٽ جي گاڏي مٿان ويجهي  مائٽ جي فائرنگ سبب پوليس اهلڪار سميت 3 ڄڻا مارجي ويا.

پوليس موجب فيصل آباد جي علائقي ٿاڻي ٺيڪري والا ۾ اڳوڻي ايم اين اي نثار جٽ جي مخالفن ان جي گاڏي تي فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ ان جا 2 گارڊز پوليس اهلڪار ڪانسٽيبل محبوب ۽ ايوب مارجي ويا. نثار جٽ جي گارڊن پاران جوابي ڪارروائي ۾ هڪ حملو ڪندڙ عبدالرحمان بنديشه به مارجي ويو.

ڪانسٽيبل محبوب ۽ ايوب ٻئي پاڻ ۾ ڀائر هئا. جڏهن ته حملي آور عبدالرحمان بنديشه اڳوڻي ايم اين اي ڊاڪٽر نثار جٽ جو ناٺي ۽ اڳوڻي ايم اين اي الياس جٽ جو ڀائيٽيو هو. نثار جٽ ۽ مقتول عبدالرحمان بنديشه جي وچ ۾ پراڻو تڪرار هو.

پوليس حملي ۾ ملوث عبدالرحمان بنديشه جي ٻن ساٿين کي گرفتار ڪري  قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

ٻنهي ڌرين ۾ 2018 جي اليڪشن ۾ سياسي مخالفت تي تڪرار پيدا ٿيو هو. نثار جٽ مسلم ليگ(ن) ڇڏي پي ٽي آءِ ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي ۽ رانا ثناءُالله جي خلاف اليڪشن ۾ بيٺو هو.