لاڙڪاڻي ويجهو آريجا باءِ پاس تي ويڳن ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر، ڏهه سالا شاگرد فوت، هڪ ڄڻو زخمي

news

لاڙڪاڻي: ڇنڇر 12 آڪٽوبر 2019ع، لاڙڪاڻي ويجهو آريجا باءِ پاس وٽ تيز رفتار وين ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ قمبر جي ڳوٺ راونتي واسي 10 ڪلاس جو نوجوان شاگرد ساجد چانڊيو ٿڏي تي فوتٿي ويو.

جڏهن ته حادثي ۾ فوتي جو نوجوان ڀاءُ ضمير چانڊيو سخت زخمي ٿي پيو، حادثي بعد وين ڊرائيور فرار ٿي ويو، اطلاع تي حد جي ٿاڻي جي پوليس ۽ آسپاس جي فوتي جو لاش ۽ زخمي کي کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو. جتي اطلاع تي وارث پهچي لاش مٿان اوڇانگرون ڏئي روئيندا رهيا.

ان موقعي تي زخمي نوجوان ضمير چانڊيو صحافين کي ٻڌايو ته اسين لاڙڪاڻي کان پنهنجي ڳوٺ راونتي وڃي رهيا هئاسين ته آريجا باءِ پاس وٽ اسان جي موٽرسائيڪل جو سامهون ايندڙ وين سان ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ ڀاءُ ساجد چانڊيو فوت ۽ آءُ زخمي ٿي پيو آهيان. هوڏانهن ضروري ڪاروائي بعد فوتي نوجوان جو لاش وارث گهر ڏانهن کڻائي ويا جتي لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.