لياقت يونيورسٽي جي شاگردياڻي جي معاملي کي دٻائڻ جي ڪوشش، استادن کي بچائڻ لاءِ سرگرميون تيز ٿي ويون

news

ڄامشورو: ڇنڇر12آڪٽوبر2019ع: شاگردياڻي سائرا جي معاملي کي دٻائڻ جي ڪوشش، شفقت ۽ احسان کي بچائڻ لاءِ سرگرميون تيز ٿي ويون.

يونيورسٽي جي ٻين شاگردياڻين کي ٻنهي استادن شفقت رضوي ۽ احسان ميمڻ کي بچائڻ لاءِ احتجاج ڪرڻ جو چيو پيو وڇي جڏهن ته خودڪشي جي ڪوشش ڪندڙ شاگردياڻي سائرا جي معاملي کي دٻائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي پئي وڃي. لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي شاگردياڻي سائرا مطالبو ڪيو آهي مون سان انصاف ڪيو وڃي ۽ ملوث استادن کي سزا ڏني وڃي ته جئين آئندا ڪنهن ناري کي هراسان نه ڪيو وڃي.

ذريعن موجب ڪجهه ڏينهن اڳ ڄامشورو جي لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ سائرا نالي شاگردياڻي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي جنهن کي بروقت ريسڪيو ڪرڻ تي سندس حياتي بچائي وئي جڏهن ته هوش ۾ اچڻ کانپوءِ شاگردياڻي يونيورستي جي ٻن استادن شفقت رضوي ۽ احسان ميمڻ تي الزام هنيو ته هن هراسان ڪيو ۽ هڪ شاگردياڻي سان لاڳاپا هجڻ جي ڳالهه ليڪ ڪرڻ تي کيس هر هر تنگ ڪيو پئي ويو ۽ انتقامي ڪارروائي ڪندي پيپرز ۾ فيل ڪيو ويو جڏهن ته جنهن ناري سان شفقت رضوي جا لاڳاپا هئا ان کي خالي پيپر ڏيڻ کانپوءِ به پاس ڪيو ويندو ر هيو ۽ مون سان ناانصافي ڪئي وئي.

شاگردياڻي چيو ته استادن طرفان مون کي ڌمڪايو ويندو هو ته اوهان کي فيل ڪري ڇڏينداسين ۽ مون اها ڳالهه يونيورسٽي انتظاميه کي ٻڌائي پوءِ به ڪنهن سپورٽ نه ڪيو جنهن سبب مان پريشان رهندي هيس ان کانپوءِ مان ڊپريشن جي شڪار ٿي ويس.

ٻئي طرف فارميسي ڊپارٽمينٽ جي ٻين شاگردياڻين جو چوڻ هو ته سائرا بي ڏوهي آهي ۽ ان معاملي کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ شفقت رضوي ۽ احسان ميمڻ کي بچائڻ لاءِ شاگردياڻين تي زور وڌو پيو وڃي ته هو استادن جي حق ۾ احتجاج ڪن، هن چيو ته اسان مان ڪيترين ئي شاگردياڻين ان ڳالهه کان انڪار ڪيو جنهن کانپوءِ وري فيل ڪرڻ جون ڌمڪيون ملڻ لڳيون آهن.

لياقت يونيورسٽي ٻين شاگردياڻين چيو ته شفقت رضوي ۽ احسان ميمڻ اسان تي دٻاءُ وجهي رهيا آهن ته اسان جي حق ۾ احتجاج ڪريو ۽ سائرا جي معاملي کي دٻائڻ لاءِ ڀرپور تعاون ڪريو.