مبارڪپور شهر ۾ گندگي جو آزار، گندو پاڻي روڊ تي بيٺل، رهواسي پريشان

news

مبارڪپور: ڇنڇر 12 آڪٽوبر 2019ع، مبارڪپور شهر  گندگيء ۽ نالين جي گندي پاڻي جي ور چڙهي ويو،  شهر جي مختلف محلن ۾ نالين جو گندو پاڻي روڊ رستن تي بيٺل، گندگيء جا ڍير، بدبوء سبب ماڻهن جو ساه کڻڻ بہ مشڪل، گندگيء سبب مڇرن جو آزار بہ وڌي ويو،

ڪيترائي شهرين مختلف بيمارين ۾ مبتلا، يوسي انتظاميا بي خبر، صفائي وارو عملو گم، شهرين جون يوسي انتظاميا خلاف ڌانهون مبارڪپور شهر گندگيء ۽ نالين جي گندي پاڻي جي ور چڙهي ويو آهي، شهر جي مختلف محلن ڀٽہ محلا، ڇٽاڻي محلا، مهر محلا، سيد محلا، حسيني محلا ۽ ٻين محلن جي ڪيترئي ڏينهن کان صفائي نہ ٿي سگهي آهي،

جنهن تي نالين مڪمل بند ٿي ويون آهن، جن جو گندو پاڻي روڊ رستن تي بهجي تلاءجي صورت اختيار ڪري ويو آهي، شهر ۾ گهٽين توڙي روڊ رستن جي بہ صفائي نہ ٿي سگهي آهي جنهن تي بہ هر گندگي ء جا ڍير نظر اچن ٿا، اهڙي صورت حالت تي يونين ڪائونسل انتظاميا بي خبر بڻيل آهي،

گندگيء جي ڪري مڇر ۽ مکين ۾ بہ اضافو ٿيو آهي، جنهن  تي شهرين کي مختلف بيمارين مليريا، چمڙي جي بيماري وڪوڙي ڇڏيو آهي، جنهن تي شهري سخت پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، جڏهن تہ مبارڪپور شهر جي شهرين  ارشد جان ڀٽو، مير حسن ڀٽو، منٺار مهر، دلدار سومرو ۽ ٻين صحافين اڳيان دانهيندي چيو تہ اسان جي شهر ۾ گذريل ڪيترئي ڏينهن کان صفائي نہ ٿي سگهي آهي،

صفائي وارو عملو گم ٿي ويو آهي، صفائي نہ ٿيڻ ڪري اسان جي محلن اڳيان گندگي جا ڍير لڳي ويا آهن، نالين جو گندو پاڻي روڊ رستن تي تلاء جي صورت اختيار ڪري ويو آهي، هنن وڌيڪ چيو تہ اهڙي گندگي جي ڪري اسان ساه کڻڻ بہ مشڪل بڻجي ويو آهي، ۽ مڇرن توڙي مکين ۾ بہ اضافو ٿي ويو آهي،

جنهن تي اسين مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهيون. جڏهن تہ شهرين يوسي انتظاميا جي بي خبر جون بہ پڻ دنهون ڪيون، هنن جو وڌيڪ چوڻ هو تہ يونين ڪائونسل انتظاميا بہ صفائي واري عمل کان بي خبر آهي جن کي فوري شهر جي صفائي ڪرائڻ گهرجي.