نوابشاهه ڀرسان ارباب اسٽاپ وٽ تيز رفتار وين ڪلٽي، عورتن ۽ ٻارڙن سميت ٻارنهن ڄڻا زخمي

news

نوابشاهه: ڇنڇر 12 آڪٽومبر 2019ع، نوابشاهه ڀرسان ارباب اسٽاپ وٽ نوابشاهه کان مورو ويندڙ تيز رفتار مسافر وين ڪلٽي ٿي پئي.

جنهن جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ذولفقار ڪولاچي، عابد ڏاهري، ڀورئي زال موتي مل، رابعيه ڌي غلام شبير، بابران ڌي غلام شير، ماهنور جتوئي ۽ ٻيا شامل آهن،

جڏهن ته زخمين کي نوابشاهه جي پي ايم يو اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جتي انهن جو علاج جاري آهي.