خشڪي ۾ ساهه کڻندڙ عجيب مڇي

news

نيويارڪ: ڇنڇر12آڪٽوبر2019ع: آمريڪي رياست جارجيا جي جهنگلي ۽ قدرتي حيات واري کاتي اعلا ڪيو آهي ته ناردرن اسٽيڪ هيڊ نالي عجيب مڇي پاڻي مان نڪري خشڪي تي ساهه کڻڻ ايندي آهي ۽ ڪوبه ان کي ڏسي ته بنا دير ان کي ماري وجهي.

ان جو سبب بيان ڪندي جارجيا جي قدرتي وسيلن واري کاتي چيو آهي ته ان جي مادي هڪ سال ۾ هڪ لک آنا ڏيندي آهي، اها مڇي پنهنجي اڳيان ڪنهن ٻئي جاندار کي رڪجڻ ناهي ڏيندي ان جي ڪري اها انويزو اسپيشيز آهي، هاڻوڪن ڏينهن ۾ ان کي جارجيا ۾ پهريون ڀيرو ڏٺو ويو آهي.

ماهرن اهو به ٻڌايو ته مڇي تمام تيزي سان آمريڪا جي 15 رياستن ۾ ڦهلجي چڪي آهي ۽ تي ٻه سائنس فڪشن ڀوائتيون فلمون پڻ بڻجي چڪيون آهن.

اها مڇي يورپ ۽ ايشيا جي مٺي پاڻي ۾ عام ملي ٿي پر هاڻوڪن ڏينهن ۾ اٽلانٽا جي هڪ تلاءَ ۾ ان کي ڏٺو ويو جنهن کانپوءِ وارننگ جاري ڪئي وئي آهي ۽ ان ۾ عوام کي مخاطب ڪندي حڪومتي اداري زور ڏئي چيو آهي ته ان کي ماحول يا پاڻي ۾ زندا نه ڇڏيو ۽ فوري طور تي ماري وجهو.

اها مڇي ڏسڻ ۾ به عجيب آهي، ان جي جسامت ٽن فٽن تائين آهي ۽ نانگ جيان لمبوتري آحي، اها فوري طور تي ڏيڏرن ۽ تلاءُ جي ٻين مڇين کي بي رحمي سان شڪار ڪري پنهنجو تعداد وڌائيني رهندي آهي، سال ۾ ڪيترائي ڀيرا اها آنا ڏيندي آهي ۽ ان مان ڪيتريون ئي مڇيون ظاهر ٿينديون آهن.