نوابشاهه ۾ ننڍي عمر ۾ شادين خلاف آگاهي فراهم ڪرڻ لاءِ سيمينار منعقد

news

نوابشاھه: ڇنڇر 12 آڪٽوبر 2019ع، سنڌ چائلڊ ميرج ايڪٽ 2014 تحت ننڍپڻ جي شاديون قانوني ڏوھه آھن ان حوالي سان آگاھي فراھم ڪرڻ لاء عورتن جي ڀلائي واري کاتي شھيد بينظيرآباد پاران سيمينار گورنمينٽ گرلز ھائي اسڪول ڄام صاحب ۾ منعقد ڪيو ويو.

سيمينار کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڊائريڪٽر وومين ڊيولپمينٽ ڊپارٽمينٽ شھيد بينظيرآباد نسيم حسن مستوئي چيو ته صوبي ۾ ٻارن جي شادي روڪڻ جي قانون پاس ٿيڻ کانپوءِ 18 سال کان گهٽ عمر وارن ٻارن جي شادي ڪرائڻ قانونن ڏوھ آهي جنهن کي روڪڻ لاءِ عوام ۾ آگاهي فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

ھن چيو ته ھن سيمينار ڪرائڻ جو مقصد پڻ اھو آھي ته خاص ڪري ٻھراڙي جي نياڻين کي آگاھي فراھم ڪرڻ آھي ڇاڪاڻ ته ننڍي عمر جي شادي سان ٻارن جي صحت جي خرابي کان علاوه ڪيترائي سماجي مسئلا جنم وٺي رهيا آهن.هن وڌيڪ چيو ته ان قانون تحت ننڍي عمر جي ٻارن جون شاديون ڪرائيندڙ والدين ۽ سهولتڪار کي 3 سال قيد ۽ 3 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويندو.

جڏهن ته ان قانون تحت نڪاح پڙهائيندڙ کي هڪ دستاويز ڏيڻون پوندو ته گهوٽ ۽ ڪنوار جي عمر 18 سال آهي ۽ انهن جا دستاويز ڏسي نڪاح پڙهائڻو آهي ھن چيو ته جيڪڏھن ڪٿي به گھٽ عمر وارن جي شادي ٿئي ته فوري اطلاع ڏنو وڃي  ته  جئين پوليس جي مدد سان ڪاروائي ڪري سگھجي سيمينار کي گورنمنٽ ھائير سيڪنڊري اسڪول جو پرنسپال استاد مسعود احمد سھتو، نجمہ خانزاده،شير محمد شر،زاھدہ زرداري،ليگل آفيسر فرحانہ ارم  سيمينار کي خطاب ڪندي چيو ته 18 فيصد گھٽ عمر واريون ڇوڪريون ماءٌ بڻجي وڃن ٿيون جيڪي زندگي گذارڻ ۽ ازدواجي معاملن کان بي خبر هونديون آهن اهي معاشري ۾ بگاڙ جو سبب بڻجن ٿيون.

بعد ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر وومين ڊيولپمينٽ نسيم مستوئي ڄام صاحب ٿاڻي جي ايس ايڇ او سان ملاقات ڪئي ۽ شاباس ڏيندي چيو ته اوھان ننڍ پڻ وارين شادين کي روڪرائڻ ۾ پنھنجو ڪردار ائين ادا ڪندا رھو واضح رھي ته ڪجھ وقت اڳ ايس ايڇ او ڄام صاحب غلام عباس شر ننڍن پڻ جي شادي روڪرائي ھئي۔