نوابشاهه جي ڳوٺ جاڙو خان واسڻ معصوم ذڪيه هوت جي خون سان انصاف نه ٿيو، وارثن جو چوٿين ڏينهن به احتجاج

news

نوابشاھه: ڇنڇر 12 آڪٽوبر 2019ع، ڳوٺ جاڙو خان هوت جي رهواسڻ معصوم ذڪيه هوت جي خون سان انصاف نه ٿيو، نياڻي جا وارث انصاف جي اوسيئڙي ۾ ويٺل، ڇوٿين ڏينهن به احتجاج، پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻون نه ڪيو،

خبر موجب ٻه هفتا اڳ تعلقي ٿاڻي نوابشاهه جي حد ڳوٺ جاڙو خان هوت مان مڇرداني مان اغوا بعد مبينه قتل ٿيل ٽن ورهين جي معصوم ٻارڙي ذڪيه هوت جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ پيءُ عبدالستار هوت ۽ ماءُ ريحانه هوت پنهنجي ٻين گهر ڀاتين سان گڏجي چوٿين ڏينهن به نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪندي دانهيو آهي ته اسان جي ٽن ورهين جي معصوم نياڻي ذڪيه هوت جيڪا رات جو مڇرداني ۾ ستل هئي جنهن کي جوابدار مڇرداني ڦاڙي اغوا ڪري کڻي ويا ۽ پوءِ خير شاهه شاخ جي واٽر ڪورس مان ان جو لاش مليو،

هنن چيو ته اسان جي ڪنهن سان ڪابه دشمني ناهي ۽ اسان کي اڃان تائين خبر ناهي ته هي ظلم اسان سان ڪنهن ڪيو آهي، هنن چيو ته اسان بروقت پوليس کي اطلاع ڪيو اگر پوليس وقت تي پهچي وڃي ها ته اسان جي ننڍڙي بچي وڃي ها،

هنن چيو ته اسان جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس وٽ وڃي وڃي ٿڪجي پيا آهيون ليڪن اسان جي ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، هنن چيف جسٽس آف پاڪستان، وزير اعظم پاڪستان ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته اسان جي معصوم نياڻي ذڪيه هوت جي قاتلن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.