خلا ۾ هٿرادو گوشت ٺاهڻ جو ڪامياب تجربو

news

حيدرآباد: ڇنڇر12آڪٽوبر2019ع: روسي خلاباز خلا ۾ هٿرادو گوشت ٺاهڻ جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو. پرڏيهي خابرو اداري موجب خلين سان گوشت ٺاهڻ ايندڙ وقتن ۾ صرف سائنسي تجربن يا سائنسدانن جو ئي ڪمال نه رهندو ڇو ته روسي خلاباز عالمي خلائي اسٽيشن ۾ سيلز مان گوشت ٺاهڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي.

فرانسيسي خابرو اداري موجب روسي خلابازي سيپٽمبر ۾ انٽرنيشنل اسپيس اسٽيشن ۾ مختلف تجربا ڪيا جنهن ۾ ٿري ڊي پرنٽر جو استعمال ڪندي مختلف ٽشوز مان ڳئون، سهي ۽ مڇي جو گوشت تيار ڪيو ويو.

خلا ۾ انهن تجربن لاءِ خليا مهيا ڪندڙ اسرائيلي فرم جي سربراهه ديدير طوبيا جو چوڻ هو ته نئين ٽيڪنالاجي سان ڊگهو سفر ڪرڻ ممڪن ٿي پوندو جڏهن ته ان سان خلا ۾ به نيون دريافتون ممڪن ٿي سگهنديون، اسان جو مقصد ته زمين تي گوشت وڪرو ڪرڻ آهي.

هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ان نئين تخليق سان فارمنگ جي روايتي طريقن ۾ تبديلي جو امڪان ناهي جڏهن ته وڏي پيماني تي ٿيندڙ فيڪٽر فارمنگ ۾ ان مان مدد حاصل ٿيندي. ياد رهي ته ڳئون جي گوشت جي نئين ڄاول خلئي مان برگر ٺاهڻ جو تجربو نيدرلينڊز جي ماسٽر بيٿ يونيورسٽي ۾ ڪيو ويو هو، 2013ع ۾ ٿيندڙ تجربي کانپوءِ ڪيترن ئي ادارن ان تخليق جو فارمولو ورتو ۽ پوءِ ان کي استعمال پڻ ڪيو ويو.

خلين مان ٺهندڙ گوشت جي نالي جي حوالي سان بحث اڃان به جاري آهي ان گوشت کي ليبارٽري جو گوشت چيو وڃي يا هٿرادو گوشت جو نالو ڏنو وڃي يا خلين سان ٺاهيل گوشت چئي سڏيو وڃي.