دماغي ڪينسر جي ستاسي سيڪڙو درست سڃاڻپ ڪندڙ بلڊ ٽيسٽ

news

لنڊن: ڇنڇر12آڪٽوبر2019ع: رت جي ڪري گهڻين ئي بيمارين جو پتو لڳايو ويندو آهي پر هاڻ هڪ سادي بلڊ ٽيسٽ وسيلي دماغي ڪينسر جي درست ترين سڃاڻپ ڪرڻ ممڪن آهي جنهن ۾ درستي جي شرح 87 سيڪڙو آهي.

گلاسگو ۾ واقع يونيورسٽي آف اسٽريچ ڪلائيڊ جي پروفيسر ميٿيو جي بيڪر ۽ سندس ساٿين اها تيار ڪئي آهي ۽ ان جو مقابلو نيچر ڪميونيڪيشن ۾ شايع ٿيو آهي پروفيسر ميٿيو جو چوڻ آهي ته اسان پهريون ڀيرو ڪلينڪل مطالعي جا انگ اکر پيش ڪري رهيا آهيون ۽ ان جو پهريون ثبوت اهو آهي ته رت جي اها ٽيسٽ تجربي گاهه ۾ ڪم ڪري سگهي ٿي.

برين ڪينسر پاڪستان سميت پوري دنيا ۾ ڦهلجي رهيو آهي پر ان جي سڃاڻپ تمام ڏکي هوندي آهي، ان جا عام سبب يادداشت ۾ کوٽ، مٿي جو سور ۽ چڪر وغيرا شامل آهن پر بلڪل اهي ئي علامتون ٻين ڪيترين ئي بيمارين جون به هونديون آهن، ان جي ڪري ئي دماغي ڪينسر ڪيترائي ڀيرا نظرانداز ٿي ويندو آهي.

هر مريض ۾ ان جون ظاهري علامتون مختلف هونديون آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن گهڻي دير ۾ ظاهر ٿينديون آهن، ٻئي طرف جيڪڏهن علاج نه ڪرايو وڃي ته 33 سيڪڙو مريض ئي بيماري جي پنجن سالن تائين زنده رهي سگهن ٿا.

اها ٽيسٽ گهٽ خرچ آهي ۽ آسان اهي جنهن ۾ رت جي نموني تي انفراريڊ روشني وجهي بايو سگنيچرز ڳوليا ويناد آهن ۽ ان ۾ هٿرادو ذهانت يا آرٽيفيشل انٽيليجنس جو استعمال ڪيو ويندو آهي، جڏهن ان کي 104 ماڻهن تي آزمايو ويو ته ان ڪيترائي ڀيرا 87 سيڪڙو درست نتيجا ڏنا جنهن جو مطلب آهي ته 100 مان 87 سيڪڙو مريضن ۾ اها دماغي ڪينسر کي صحيح طور تي سڃاڻي سگهي ٿي.