عوامي تحريڪ طرفان شروع ڪيل سجاڳي مارچ چوهڙ جمالي پهتو

news

چوهڙجمالي: ڇنڇر 12 آڪٽوبر 2019ع،  سنڌ دشمن منصوبن، سنڌ جي ورهاڱي تعليمي ادارن ۾ نياڻين جي قتل عام توڙي ٻين سنڌ دشمن رٿائن خلاف عوامي تحر يڪ جو شروع ڪيل سجاڳي مارچ چوهڙجمالي پهتو

سجاڳي مارچ عوامي تحريڪ جي مر ڪزي اڳواڻ حورالنساء پليجو ايڊووڪيٽ وسند ٿري سندياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر مريم گوپانگ نامياري ناول نگار پرويز ميمڻ مجاهد مالهيو جي اڳواڻي سنديا ڻي تحريڪ جي نياڻين ۽ ڪارڪنن شاهبندر چوڪ تي پهتو جتان پيادل مارچ ڪري مدني چوڪ تي درڻو هنيو ويو.

جتي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته  حڪمرانن هٿ وٺي سنڌ  ۽ سنڌ جي عوام کي تباھ ڪري ڇڏيو آهي بحريا ٽائون منصو بي ذوالفقار آباد رٿا سنڌ بيراج سميت پاڻي جي کوٽ ۽ معصوم نياڻين جو قتل عام ۽ قبضاگيري  ڪري سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪري سازشون ڪيون وڃن پيون،

توڙي سنڌ کي ورهائڻ جون ناپاڪ سازشون ڪيون وڃن پيون،جن خلاف هاڻي سنڌ جي عوام کي سجاڳ ٿيڻو پو ندو،

هنن چيو ته سنڌ جي عوام کي سجاڳ ڪرڻ ۽ پنهنجا حق ياد ڏيارڻ لاء قائد انقلاب رسول بخش پليجو جي مزار کان نئين عزم ۽ ولولي سان سجاڳي مارچ جي شروعات ڪئي آهي،

جيڪا اسلام آباد ۽ ڪراچي جي ايوانن ۾ ٿرٿلو مچائيندو،هنن چيو ته وفاق نيشنل ڪوسٽل اٿارٽي جوڙي هڪ سازش سٽي آهي جنهن سان اسان جي وسيلن سمنڊ ۽ ڪوسٽل بيلٽ تي قبضو ڪيو ويندو پر سنڌ جو عوام کين ٿڏي ڪڍندو.