جهانگير ترين ۽ شاهه محمود قريشي وچ ۾ ٺاهه ٿي ويو

news

لاهور: ڇنڇر12آڪٽوبر2019ع: تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين چيو آهي ته سندس شاهه محمود قريشي سان ملعاملا ختم ٿي ويا آهن هاڻ اسان گڏجي پارٽي لاءِ ڪم ڪنداسين.

لوڌران ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي جهانگير ترين چيو ته شاهه محمود قريشي حج تي وڃڻ کان اڳ ان سان تمام زور سان ڀاڪرو پاتو هو جنهن سان سڀ معاملا ختم ٿي ويا، هاڻ مان ۽ شاهه محمود قريشي گڏجي پارٽي لاءِ ڪم ڪنداسين.

آزادي مارچ جي حوالي سان جهانگير ترين چيو ته اسان کي سياست ۽ عاوم جي خدمت ڪرڻ گهرجي، اسان کي پاڪستان جو خيال  ڪرڻ گهرجي پر مولانا فضل الرحمان صرف پنهنجو خيال ڪري ڌرڻو هڻي رهيو آهي، هو پهريون ڀيرو پارليامينٽ کان ٻاهر ٿيو آهي، ن ليگ به مولانا فضل الرحمان سان  شامل ٿيڻ جي معاملي تي ورهايل آهي.

جهانگير ترين جو چوڻ هو ته وزيراعظم عمران خان جي سربراهي ۾ پوليس ريفارمز ٿي رهيا آهن، اسپيڊو بسز جي منظوري ٿي وئي آهي تمام جلد هلڻ پڻ شروع ٿي وينديون، ڏکڻ پنجاب جي سيڪريٽريٽ ڪٿي به ٺاهي وڃي مون کي ڪو مسئلو ناهي.