وفاقي حڪومت ۽ اتحادي سنڌ جي دل ڪراچي تي قبضو چاهين ٿا: بلاول ڀٽو

news

لاڙڪاڻو: پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو 18 آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ جلسي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت ۽ ان جا اتحادي سنڌ جي دل ڪراچي تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا.

لاڙڪاڻي ۾ چونڊ ريلي ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته ڪراچي کي الڳ ڪرڻ جو خواب ڏٺو پيو وڃي، سنڌ جا شهري ائين ڪرڻ نه ڏيندا.

بلاول ڀٽو جلسي ۾ مرسو مرسون سنڌ نه ڏيسون جا نعرا هڻندي چيو ته لاڙڪاڻي جو عوام تير سان گڏ آهي. 17 آڪٽوبر تي تير تي ٺپو هڻي وفاق کي جواب ڏينداسين.

هن چيو ته هڪ سال کان عوام جي ويڙهه اسيمبلي ۾ وڙهي رهيو آهي. حڪومت کي گهر موڪلينداسين. بي بي جي شهادت کانپوءِ مون پارٽي جو پرچم کنيو، توهان کي منهنجو ساٿ ڏيڻو پوندو.

پ پ چيئرمين چيو ته حڪومت غريب عوام جو معاشي قتل ڪيو، هڪ سال ۾ هزارين ماڻهو بيروزگار ٿيا، پيپلزپارٽي جي حڪومتي دور ۾ به ملڪ معاشي بحران مان گذريو پر صدر زرداري بينظير انڪم سپورٽ پروگرام شروع ڪيو، پينشن ۽ پگهارن ۾ سئو سيڪڙو اضافو ڪيو.

بلاول ڀٽو جو چوڻ هو ته ذوالفقار ڀٽي وڏن زميندارن کان زمين وٺي ننڍن زميندارن کي ڏني. محترمه جي دور ۾ نعرو مشهور هو ته بينظير ايندي روزگار آڻيندي، پيپلزپارٽي مزدورن ۽ هارين جو خيال رکندي آهي.