حڪومت جي ڏکين فيصلن سبب معيشت ۾ بهتري اچي رهي آهي: حفيظ شيخ

news

اسلام آباد: ڇنڇر12آڪٽوبر2019ع: ناڻي بابت صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ جو چوڻ آهي ته حڪوتم وٽ ايترا وسيلا ناهن جو هر شعبي جي مدد ڪري.

اسلام آباد ۾ ايف بي آر چيئرمين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي حفيظ شيخ جو چوڻ هو ته حڪومت جي ڏکين فيصلن سان معيشت ۾ بهتري اچي رهي آهي، مالياتي خساري ۾ 35 سيڪڙو گهٽتائي جڏهن ته روينيو ۾ 16 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي.

هن جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي معيشت بابت پرڏيهي سرمائيدارن جو اعتماد بحال ٿي ويو آهي ۽ گذريل ٽن مهينن ۾ 340 ملين ڊالر جي سرمائيداري آئي آهي. حفيظ شيخ چيو ته هلندڙ مالي سال واپاري خسارو 9 ارب ڊالر کان گهٽ ٿي 5.7 ارب ڊالر ٿي ويو آهي جڏهن ته پي ايس ڊي پي ۾ گذريل مالي سال جي مقابلي ۾ هلندڙ سال وڌيڪ پئسا جاري ڪيا ويا آهن.

هن جو چوڻ هو ته سمال اينڊ ميڊيم انٽرپرائزز تي ايندڙ ٻن هفتن ۾ پاليسي اچي رهي آهي، حڪومت جو خيال آهي ته برآمدي شعبي ۾ ٻين شعبن کي شامل ڪيو وڃي، جيڪو به قدم کنيو پيا وڃي عاوم جي فائدي لاءِ ڪري رهيا آهيون. هن ٻڌايو ته گذريل ٽن مهينن کان ايڪسچينج ريٽ مستحڪم آهي ۽ پيٽرول جي قيمت ان لاءِ نه وڌي ڇو ته ڪرنسي ۾ استحڪام آيو آهي.

حفيظ شيخ چيو ته حڪومت آئي ته ملڪ جون معاشي حالتون خراب هيون ۽ ملڪ تي 30 هزار ارب جو قرض هو، آءِ ايم ايف، ايشيائي ترقياتي بينڪ ۽ ورلڊ بينڪ کان قرض مليو، اقتصادي سڌارن جا سٺا اثر اچڻ شروع ٿي واي آهن، حڪومت جي خساري کي گهٽ ڪرڻ سان فائدو عوام کي ٿيندو. هن ٻڌايو ته ڪابينا ۽ وزيراعظم هائوس جي خرچن ۾ گهٽتائي ڪئي وئي، سويلين حڪومت جي خرچن ۾ 40 ارب روپين جي گهٽتائي ڪئي وئي.