سيوهڻ پوليس جي ڏوهارين خلاف ڪاروائي، ڌاڙو هڻندڙ چار جوابدار گرفتار

news

سيوھڻ : ڇنڇر 12 آڪٽوبر 2019ع، سيوهڻ پوليس جي ڏوهارين خلاف ڪاروائي گهر اندر ڌاڙو هڻندڙ 4 جوابدارن گرفتار ڌاڙو هنيل 20 تولا سونه زيوز 4 لک روپيه روڪ هٿ ,

تفصيل موجب  سيوهڻ ۾ ھڪ شھري محمد ابڙو جي گهر اندر ڌاڙي لڳڻ واري واقعي جو ايس ايس پي ڄامشورو امجد احمد شيخ نوٽيس وٺندي سيوهڻ پوليس کي هدايت ڪئي  ته فوري طور جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.

جنهن تي  سيوهڻ پوليس حرڪت ۾ ايندي محمد ابڙو جي گهر ڀاتين کي يرغمال بڻائي گهر ڌاڙو هڻندڙ 4 جوابدارن ساجد عرف ڇوٽو ماڇھي , اعظم ابڙو , سڪندر علي اوٺو, انور اوٺو کي گرفتار ڪري جوابدارن وٽان 20 تولا سونه زيور ۽ 4 لک روپيه روڪ رقم هٿ ڪري ورتي آهي.

ان سلسلي ۾ ڊي ايس پي سيوھڻ بشير احمد کونھارو ۽ ايس ايڇ او ذيشان لاشاري سيوھڻ  ٿاڻي تي ھنگامي پريس ڪانفرنس  ڪندي ڇاپي ۽ رڪوري بابت ميڊيا کي تفصيل ٻڌائيندي چيو ته گرفتار جوابدارن خلاف قانوني ڪاروائي ويندي.

ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي ايس ايس پي ڄامشورو امجد احمد شيخ ٻڌايو ته ضلعي اندر ڏوهارين جو دائرو تنگ ڪيو ويو آهي ,ڏوهارين خلاف ڪاروائي ڪري سيوهڻ پوليس ڏوھ ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي جن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي.